حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ثقافتي عيد جون سموري سنڌي قوم ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته سنڌ عوام پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪري ٿي اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي،هن چيو ته سنڌي قوم ھميشه پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي، شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي،ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي، قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، هن چيو ته پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي، جيڪڏھن بدلجندڙ دنيا سان گڏ پاڻ کي تبديل نه ڪيوسين، پاڻ علم ۽ ٽيڪنالاجي جو رستو نه ورتو ته ھي دنيا ڏاڍي ظالم اٿو،سنڌيو پاڻ کي تبديل ڪيو هن چيو ته سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نه ھجن ھا ته سنڌ ھيئن تباھ ۽ برباد نه ٿئي ھا، سنڌ کي تعليم، ميرٽ، روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي، سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون قبضاگير اسڪيمون نه گھرجن