ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي قومي ثقافتي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي گادي واري ۽ علمي، ادبي ۽ ثقافتي شهر ننگر ٺٽي ۾ ننڍا، وڏا، ٻار، ٻڍا، سنڌي ويس، وڳا، اجرڪ، ٽوپيون، پٽڪا پائي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ وڏين ريلين جي صورت ۾ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان گشت ڪري نه صرف قومي گيتن تي رقص ۽ جهمريون هنيون پر هزارين سنڌين پنهنجي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو، ٺٽو يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران فهد ڪرناڻي، ٺٽو شهري اتحاد جي صدر جاويد غني ميمڻ، صوفي سنگت ٺٽو جي رضوان فيض سرڪي ساحل سرڪي، نعمان خاصخيلي، جسقم بشير قريشي پاران بابو جان خشڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي راول ڪرناڻي سميت سنڌي ادبي سنگت ٺٽو، بروهي برادري، خشڪ برادري، ميمڻ برادري، شيخ برادري، بلوچ برادري، جاکرا برادري، سولنگي برادري پاران پڻ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، ريلين جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته سنڌ جي ماڻهن نفرت، وير ۽ ويڇا ختم ڪري ثقافت واري ڏهاڙي تي گڏ ٿي وڏو تاريخي ڪم ڪيو آهي، سنڌ جي سمورن ادارن ۾ ميرٽ جي کلي عام لتاڙ جاري آھي، ميرٽ جي بحالي سان ئي سنڌ جي خوشحالي ممڪن بڻائي سگھجي ٿي ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي ٻارڙن کي علم جي روشني ڏياريون