قمبر (رپورٽ: محمود شيخ)سموري سنڌ جيان اڄ قمبر به ثقافتي رنگن جا جرڪي پيو عوامي آواز جي ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو پرجوش نموني سان ملهايو ويو، صبح سوير سان شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻارڙن نوجوانن ۽ بزرگن اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سموري شهر جو گشت ڪيو، جڏهن ته قمبر جي معروف قمبر بيڪري اجرڪ ۽ ٽوپي جا خوبصورت ڪيڪ پڻ ٺاهي قومي ايڪتا جو اظهار ڪيو، ڪامريڊ نذير احمد تنيو، اياز ٻرڙو، رياض چانڊيو، بلال مغيري،راجا ڏيرو، نجم الدين نجم، طارق چانڊيو، ڪامريڊ زوار گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ثقافت قديم تهذيبن جو اهڃاڻ آهي