وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪيئن ٿيندو؟

برطانيا جي شروع کان وٺي اھا سياسي چال رھي آهي ته  ھو ” ورھايو ۽ حڪومت ڪريو ”  جھڙي راند کيڏي پنهنجي معاشي بالادستي خاطر لکين انسانن جي خون سان ھٿ رڱيا آهن ـ وڙھايو ۽ حڪومت ڪيو جي چالبازي سان برطانيا ان حربي جو استعمال ڏکڻ ايشيا ۾  اھڙو ڪيو جو ڪشمير مسئلو ٻن آزاد ٿيندڙ ملڪن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ گذريل 75 سالن کان وٺي رياستي ڳچي جو نوڙ وانگر انڊيا توڙي پاڪستان جي جان ،  مال ۽ معيشيت کي خاڪ ۾ ملائي رھيو آهي ساڳئي نموني سان جڏهن برطانيا فلسطين سرزمين مان واپس پئي وريو ته ات به اسرائيل جو وجود قائم ڪرائي لکين فلسطينن کي بي گھر ڪري وچ اوڀر جي سرزمين کي خون آلوده ڪري ويو جيڪو فساد پڻ گذريل 75 سالن کان وٺي رت جي ھولي بڻجي بيگناھ فلسطينن جي جان مال  مستقبل توڙي ڌرتي کي اسرائيل  طاقت جي بنياد تي زوري ڳڙڪائيندو پيو وڃي .

وچ اوڀر جي ملڪن کي  سون چاندي ھيرا توڙي پئٽرول سميت انيڪ نعمتون حاصل آهن پر مهاڀاري ويڙهه کان پوءِ کين مخلص ليڊر جي کوٽ رھندي پئي اچي ڪٿي ڪٿي يا ڪڏهن ڪڏهن کين قيادت ملي آهي ته محلاتي سازشن وسيلي کين خاڪ ۾ ملايو ويو آهي اھو الميو ڏکڻ ايشيا ۾ به رھندو پيو اچي . مخلص قيادت جي کوٽ ڪري سندن تعليم صحت سميت ترقي جون راھون اڻ پوريون آهن  سڄو وايومنڊل  گذريل ستر سالن کان جمود جو شڪار آهي .

وچ اوڀر جي سياست  ۾ ياسرعرفات جي  سفارتي توڙي ھٿياربند سياسي جدوجھد جو تمام گھڻو ۽  اھم ڪردار رھيو اھو ياسر عرفات ئي ھيو جنهن کي عالمي سياسي منظرنامي تي فلسطين سرزمين لاءِ   تمام وڏي اھميت ۽ پزيرائي ملندي ھئي سندس طلسماتي وزندار شخصيت جي آواز انداز ۽ حڪمت عملي کي نه فقط دنيا ٻڌندي ھئي پر کيس ريسپانس پڻ ڏيندي ھئي ـ ھو جڏهن دنيا جي سياسي اسٽيج تي جڏهن اھو چوندو ھيو ته ” اسان غريبن کي تي مٿي ڍڪڻ لاءِ  سرزمين ئي ناھي جت اسان جا ٻچڙا سڪون سان جيئن ” ته سچ ۾ ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا ھئا ـ

1974 ۾ زيتون واري ٽاري جي نالي سان سندس مشھور خطاب جيڪو ھن  جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي دنيا کي واضع چيو ته ” آئون ھڪ ھٿ ۾ زيتون جي ٽاري امن جي نشاني ڪري کڻي آيو آھيان ته منهنجي ٻئي ھٿ ۾ آزادي پسند ويڙھاڪ جي بندوق آهي منهنجي ھٿ مان زيتون جي ٽاري ڪرڻ نه ڏجو  ”

سندس ئي جدوجهد جي جي نتيجي ۾ 13  سيپٽمبر 1993ع تي  ھڪ  اسرائيل سان اھو معاھدو ٿيو جنهن مطابق  فلسطين کي جيريڪو ۽ غزا جي پٽي تي ٻڏل خودمختيار رياست ٺاھي ڏني وئي جنهن لاءِ  محمود درويش چيو هو ته  ” دنيا جي نقشي تي فلسطين جو نالو اڃان گھڻو ڏور آهي ياسر عرفات ان جو  پيڙھ جو پٿر رکي ورتو آهي ". انھي پرامن جدوجھد جي ڪري کيس 1994ع ۾  امن جي نوبل پرائز ڏنو  ويو ”

وچ اوڀر جي ماضي بعيد توڙي قريب جي سياسي تاريخ تي غور ڪنداسين ته اها اسرائيل  جي دھشتگردي سان ڀري پئي آهي ـ جنهن ۾ اسرائيل  طرفان فلسطين جي سر زمين تي زوري قبضي ۽ بيگناھ  شھرين جي قتل عام سان فلسطيني پنهنجي وطن کان محروم ٿيندا پيا وڃن ـ کين دنيا ۾ سر لڪائڻ لاءِ  ڪا جاءِ ئي ناھي .

تازو ستين آڪٽوبر جي حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ پندرنھن ھزار بيگناھ  شھري شھيد ٿي چڪا آهن ۽ 6 لک شھري بي گھر ٿي ڪئمپن ۾زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا آهن . ھن وقت اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ بندي ۽ قيدين جي ڏي وٽ جاري آهي ـ پر نيتن ياھو فلسطينين سان گڏ دنيا جي پرامن ملڪن کي به ڌمڪيون ڏئي رھيو جيڪي جاگرافيڪلي اسرائيل  کان ڏور آهن ـ تنهن ڪري جي دنيا  وچ اوڀر ۾ امن ڏسڻ ٿي چاھي ته اسرائيل  کي لغام ڏئي ان کي ٻن آزاد رياستن جي قائم ٿيل ٺاھ ٿي مڪمل عمل درآمد ڪرائڻو پوندو تڏهن وڃي وچ اوڀر ۾ پائدار امن قائم ٿيندو ـ

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.