هولوڪاسٽ ۽ عيسائي ملڪ

تحرير: رياض ابڙو 

هولوڪاسٽ ۾ ڪنهن به مسلمان ۽ عرب ملڪ جو هٿ نه هو. اهي سڀ جرمني جي ناڪاميءَ جا بدلا هيا جو يهودي فوج انهن سان نه نڀايو ۽ پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪئي. جڏهن روس ۽ هالينڊ سان لڙائي ٿي ته انهن غيرجرمنين جو ساٿ ڏنو ۽ جرمني جي حق ۾ ڪجھه  به نه ڪيو، معني جرمني سان بي وفائي ڪري دشمن جو ساٿ ڏئي ويٺا. پر اهي ملڪ جن جي هٿ ۾ ان وقت جي طاقت ۽ بربريت هئي جيڪي پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ وڏا مهندار هيا جن وٽ فوجي طاقت سان گڏ معيشت به ڀلي هئي انهن ملڪن ۾ جرمني، جاپان ۽ اٽلي ها ۽ انهن جي مقابلي ۾ آمريڪا، روس، چائينا، برطانيا ۽ فرانس هون. دنيا ان ڳڻتي ۾ به هئي ته ”پاور بيلينس“ ڪيئن ڪجي، جيڪي ملڪ طاقت ۾ گهڻا آهن ان جي برابري ڪيئن ڪجي، جن ملڪن ۾ فوجي طاقتون گهڻيون هيون اهي ڪهڙي طرح ان طاقت جي هول کول مان گهٽايا وڃن. ان ڪري سڀ کان وڏي ڳڻتي آمريڪا سميت ٻين ملڪن کي به هئي ته اهي ڪهڙي طرح به جرمني، اٽلي ۽ جاپان جي طاقت جو خاتمو آڻين ۽ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ڪهڙي به طرح جرمني جي سلطنت ڊاهي رکن. جڏهن ته  اها سلطنت برطانيا جي به جوڙيل هئي، اهي سلطنتون روس جون جوڙيل هيون اهي سڀ طاقتون آمريڪا وٽ به هيون پر انهن سڀني طاقتن رڳو جرمني جي طاقت کي ٽوڙي دنيا جي آڏو پنهنجي سپرپاوري رکڻي هئي. ساڳي ڳالھه  ته جرمني جي طاقت جو ٽوڙ برطانيا جي ڳچيءَ ۾ به پيو جو ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڳ برصغير جهڙن خطن ۾ به انگريزن جي خلاف نفرتون ڀڙڪايون ويون.  جرمني جي طاقت جو ٽوڙ اهو به هيو ته انهن کي ٽوڙي ايسٽ ۽ ويسٽ جرمني جو بنياد رکن ۽ برلن وال هڪ واضح  ليڪ ڪڍي جرمني جي هٿن مان اهي 11 رياستون به کسڪائي ويا ۽ روس جي جرمني مان جان ڇڏاين، آمريڪا ليگ آف نيشن کي ٽوڙي يو اين او جو بنياد رکي ملڪن کي پنهنجي چنبي ۾ وٺي وئي، نيئو لبرل اڪانامي ۾ سڀ ڪجھه  پنهنجي قبضي هيٺ آڻي وئي ۽ جاپان تي بم ڪيرائي آمريڪا پنهنجي سپرپاوري جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا.

جنگين جو هونئن ڪو اخلاقي جواز ته ناهي هوندو جنهن اسٽيٽ وٽ طاقت جو توازن گهڻو ٿي وڃي ته اهو سدائين سانَھَن وارا ٿونا ضرور هڻندو آهي ۽ هميشه ڪمزور تي طاقتور ئي چڙهائي ڪندو رهيو آ، جيڪو انٽرنيشل ڄڻ جنگ جو فارميٽ بڻجي ويو آ.

جنگين جا نبيرا به ڪجھه  وري مختلف ٿي ويا آهن پهرين جنگين جي صورت ۾ فوجون هڪٻئي جي سامهون اينديون هيون ۽ هاڻي اهي جنگيون زمين جي قبضي خالي ڪرائڻ لاءِ وڙهيون ٿيون جيئن ڪشمير ۾ 370 آرٽيڪل جو نفاذ ۽ 57 آرٽيڪل ان ڳالھه  جي پڪي نشاني آهن ته ڀارت پنهنجي آبادي وڌائي ۽ سڀ ڪجھه  ڪري ڇو ته آبادي جو هجڻ ئي ڪنهن ملڪ جي هجڻ، ماڻهن جي هجڻ جو ثبوت هوندو آهي، پر فلسطين به ڄڻ ڪو مسلمان امت جي لاءِ آخري معمو بڻجي ويو آهي، ان ڪري ته اسرائيل جي شدت کي فلسطين ۾ جي نه روڪي سگهبو ته اها ڄڻ سموري عالم انسانيت، مسلمان ملڪن جي لاءِ ويجهي مستقبل ۾ ڪي اڻ ڏٺا عذاب کڻي ايندي ان ڪري نيٽو فورسز، وارسا پيڪٽ، الائيڊ فورسز ڪنهن به مسلمان ملڪ جي عذاب ۾ ثواب بڻجي ناهن لٿا نه ئي انهن ڪڏهن ”بيلينس آف پاور“ جي ڳالھه  ڪئي آهي ته جيڪي روس ۽ يوڪرين تي جنگ ڪري ته روس کي چپ ڪير ڪرائي، اسرائيل جي فلسطينن تي هلان ڪري ته انهن کي خاموش ڪير ڪرائي، آمريڪا سميت جيڪي به عرب ملڪ هيا اهي به ان ڳالھه  تي خاموش تماشي رهيا ته ڀلي فلسطنين کان وڌيڪ مري کپي وڃن يا پنهنجي ڌرتي ڇڏي ڀڄي وڃن جو اتي اسرائيل سموري دنيا مان پنهنجا يهودي نسل گهرائي آباد ڪري جنهن جي لاءِ هنن پهرين ئي 25 هزار گهر تعمير ڪرايا اٿن. هاڻي بس رڳو غزا جو ڪجھه  حصو وري ڳڙڪائي فلسطينن کي سوڙهو ڪري ويهي رهندا ۽ باقي وري اتان به اٿاريا ويندا ۽ آهستي آهستي ايسٽ بينڪ، ويسٽ بينڪ ۽ هاڻي غزا جي پٽي به اسرائيل جي حوالي هوندي ۽ عربن اهو ئي پئي چاهيو ته اتي اسرائيل کي پنهنجي ڏاڍ سان آباد ٿئي ۽ ڪنهن صورت چپ ٿئي باقي جيڪي به 11 هزار تائين فلسطيني شهيد به ٿيا ته اهي اسرائيل ۽ عرب جي راضپي تان گهور ٿيا ۽ سڀاڻي عرب وري پنهنجا لاڳاپا بحال به ڪري وٺندا، ان ڪري ته ممڪن آ ته ايندڙ ڪجھه  مهينن تائين ٺاپر ٿي وڃي پر اسرائيل اهي سڀ علائقا خداداد سلطنت سمجهي ڳڙڪائي ويندو ۽ اردن جي هاشمي خاندان جي قبضي هيٺ جيڪو بيت المقدس آهي اهو به اسرائيل ئي وٺي ويندو. 1919 کانپوءِ وري 1948 تائين ۽ ٻيهر 1967 کان 2005 تائين ۽ مورڳو ئي هيل تائين عربن ملڪن جو هڪ ماڻهو به نه مئو هوندو پر اهي سڀ فلسطيني ئي آهن جيڪي قرباني جا جانور بڻبا پيا آهن ۽ بڻبا رهندا ۽ جيستائين اسرائيل مڪمل طور تي فلسطيني زمين هڙپي نه ٿو تيستائين اهي ائين ڏاڍ سان آباد ٿيندا رهندا. انهن کي اهو به يقين آهي ته ان علائقي ۾ تابوتِ سڪينه به گم ٿيل آهي ۽ فلسطينين جي ڌرتي تي اهو ڄڻ ڪو لڪيل آهي ۽ اسرئيلي سمجهن ٿا ته اهو جيڪڏهن انهن اسرائيلين کي ملي ويو ته اهي سڀ ڪجھه  حاصل ڪري وٺندا معني اهي دنيا تي حڪومت ڪرڻ شروع ڪندا ۽ دنيا انهن جي مُٺِ ۾ اچي ويندي.

اهو به سمجهون ٿا ته يهودين جي هولوڪاسٽ ۾ ڪنهن به مسلمان ملڪ جو هٿ نه هيو نه ئي اهي ڪنهن اسلامي ملڪن جي بندوقن سان ماريا ويا هيا ۽ اهي 60 لک يهودي رڳو جرمني ۾ نه پر سڀني اولهھ جي ملڪن ۾ عيسائي حڪومتن جي هٿان ئي ماريا ويا .

 

يهودين جي هولوڪاسٽ ۾ ڪنهن به مسلمان ملڪ جو هٿ نه هيو نه ئي اهي ڪنهن اسلامي ملڪن جي بندوقن سان ماريا ويا هيا ۽ اهي 60 لک يهودي رڳو جرمني ۾ نه پر سڀني اولهھ جي ملڪن ۾ عيسائي حڪومتن جي هٿان ئي ماريا ويا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.