نيو ورلڊ ڊس آرڊر ۽ پاڪستان

تحرير: سليم صافي

سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ ڪميونزم جي شڪست کان پوءِ دنيا ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي اڪيلي سر ھڪ ھٽي قائم ٿي ۽ نيو ورلڊ آرڊر وجود ۾ آيو. ان نيو ورلڊ آرڊر ۾آمريڪا کي پنهنجي من ماني جو موقعو مليو. هن جڏهن چاھيو عراق تي ڪاھ ڪئي، جڏهن خيال آيو تھ افغانستان ۾ داخل ٿيو.وري جڏھن دل  چاهيو ته مصر جهڙن ملڪن ۾ پنهنجي پسند جون حڪومتون قائم ڪيون، پر ھڪ ڀيرو وري اھو وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي هڪ قطبي (هڪ طاقت جي ھڪ ھٽي) کان ٻيھر باءِ پولر يا گھڻ قطبي  (جنھن ۾ ٻھ يا ٻن کان وڌيڪ طاقتون هجڻ ۽ جيڪي پهرين طاقت جي رستي ۾ رڪاوٽون بڻجي رھيون ھجن ) ڏانھن وڌي رھي آھي.

چين آمريڪا جي مقابلي ۾ هڪ نئين سپر پاور طور اڀري آيو آهي، جڏهن ته روس پڻ صدر پيوٽن جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڀيرو وري  پاڻ کي آمريڪا جي مقابلي ۾ هڪ چيلنج ڪندڙ طاقت طور تبديل ڪيو آھي.اهو مقابلو ڪيترن سالن کان جاري آهي. آمريڪا اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ ۽ دنيا تي غلبو رکڻ لاءِ پورو زور لڳائي رهيو آهي ۽ چاھي ٿو تھ گذريل ٻن ڏھاڪن جيان ان جي ھڪ ھٽي قائم رھي. جڏهن ته چين چاھي ٿو تھ اھو آمريڪا جي جڳھھ حاصل ڪري. اھڙي ريت روس بھ چيني بلاڪ سان گڏ ٿي ڪري ٻيھر آمريڪا سان سڱ اٽڪائي رھيو آھي.اهڙيءَ طرح دنيا هڪ ٻي سرد جنگ ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ان جو منطقي نتيجو جيڪو نڪرندو ان سان هڪ نئون ورلڊ آرڊر  جنم وٺندو.

ھن وقت تھ هن سرد جنگ ۾ هر ڌر  هڪ قدم اڳتي وڌي ٿي ۽ پوءِ هڪ قدم پوئتي ھٽي ٿي. ڪڏهن ڏاڍو جارحاڻي انداز اختيار ڪري ٿي ۽ ڪڏهن دفاعي انداز اختيار ڪري ٿي. هن جنگ جون ڌريون پنھنجي لاءِ اتحادين جي بھ ڳولا ۾ آهن. چين ڪجهه معاملن تي آمريڪا کي کليل چئلينج ڪري ٿو ۽ ٻين معاملن تي خاموشي اختيار ڪري ٿو.ساڳي صورتحال آمريڪا جي به آهي. ريپبلڪن هجن يا ڊيموڪريٽس، چين کي پنھنجو نمبر ون حدف قرار ڏين ٿا پر وري اهي چين سان ڪاروبار به ڪري رهيا آهن. روس يوڪرين جي معاملي تي وڌيڪ جارحاڻو رويو اختيار ڪيو، پر وچ اوڀر جي مسئلي ۾ آمريڪا جي مقابلي ۾ ايترو فعال ناهي،جئين  ماضي ۾ هوندو ھو. اهڙي طرح آمريڪا يوڪرين جي معاملي تي ان جي حڪومت کي پراڪسي بڻائي ورتو آهي پر پاڻ سڌي طرح فوج نه موڪلي آهي. هن نئين ۽ پيچيده سرد جنگ جي ڪري يورپ ۽ عرب دنيا جا ملڪ به پريشان آهن ته اھي ساٿ ڏين تھ ڪنهن جو ڏين ۽ جنھن جو ساٿ ڏين اھو ڪهڙي انداز ۾ ڏين. عرب دنيا ۽ خاص ڪري سعودي عرب اڃا تائين پنهنجي لاءِ ڪيمپ جي چونڊ نه ڪئي آهي. ھن مضمون لکڻ تائين ھو هڪ طرف  آمريڪا سان گڏ آهن پر ٻئي طرف پنهنجي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي چيني سيڙپڪارن کي دعوت ڏئي ڪري محمد بن سلمان پهريون ڀيرو اهو تاثر پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته سندس ملڪ آمريڪي ڪئمپ ۾ ناهي. اسرائيل جي معاملي تي به سعودي عرب آمريڪا جي خواهش پوري نه ڪئي بلڪھ  غزا جي جنگ جي حوالي سان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سفارتي محاذ تي اسرائيل خلاف بيانيئو ٺاهڻ ۾ اڳواڻي وارو  ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

پهرين سرد جنگ ۾ تقسيم گھڻي واضح هئي. پر موجوده سرد جنگ ۾ اھڙي صورتحال نه آهي. مثال طور هندستان کي ڏسو. اهو چين جي مقابلي ۾ آمريڪا لاءِ فرنٽ لائين رياست بڻجي ويو آهي، پر ٻئي طرف اهو ماضي وانگر روس جو بھ ويجهو اتحادي آهي.

بحث جو خلاصو ھي آھي تھ  ٽين سرد جنگ جي شروعات  ٿي چڪي آهي. ان نئين سرد جنگ ۾ ھڪ پاسي آمريڪا آھي تھ وري  ٻئي پاسي چين  آھي. چين سان گڏ روس بھ هوندو. پر هن سرد جنگ ۾ هينئر تائين ٻنهي طرفن جي اڳواڻن جي حڪمت عملي واضح آهي ۽ ماضي جي سرد جنگ جيان دنيا جي ٻين ملڪن وضاحت سان پنهنجي پنهنجي ڪيمپ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح ان کي هڪ مونجهارو يا مونجهاري واري سرد جنگ پڻ چئي سگهجي ٿو. اڃان ٻئي  ڌريون پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي واضح ڪري رهيون آهن.

مستقبل ۾ ان جنگ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ آمريڪا پنهنجي لاءِ اتحادين ۽ پراڪسيز جو تعداد وڌائي رهيو آهي ۽ وچ ۾ بيٺل ملڪن کي مجبور ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجو وزن سندس پلڙي ۾ وجھن. مثال طور روس سان هندستان جي مضبوط لاڳاپن جي باوجود، آمريڪا جي طرفان  ان کي اسٽريٽجڪ اتحادي بنائڻ ۽ افغانستان کي طالبان جي حوالي ڪري ڇڏڻ. آمريڪا پاران اھڙي تياري جا ٻه ثبوت آهن. جڏهن ته چين طرفان  ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٽياڪڙي يا وري بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو  جي تحت پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ، چين جي تيارين جا ثبوت آهن. اهڙيءَ طرح نئين ورلڊ آرڊر جي قيام لاءِ هلندڙ سرد جنگ (يا هن سرد جنگ جي تياري) جاري آھي.

ان جي ڪري دنيا ڪنفيوزستان بڻجي وئي آهي.اڃان نئون  نيو ورلڊ آرڊر قائم نه ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو نيو ورلڊ آرڊر به باقي نه رهيو آهي، ان ڪري  دنيا ۾  هن وقت جيڪو آرڊر هلي رهيو آهي، ان کي نيو ورلڊ ڊس آرڊر جو نالو ڏيڻ مناسب ٿيندو ھن وقت رياست پاڪستان لاءِ سڀني کان وڏو چئليج ھي آھي تھ اھو ھن  نيو ورلڊ ڊس آرڊر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ لوڏن کي ڪيئن برداشت ڪري ٿي ۽ پوءِ نيو ورلڊ آرڊر لاءِ شروع ٿيندڙ نئين سرد جنگ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڪٿي رکي ٿي؟

پاڪستان جوڙجڪ جي لحاظ سان جتي موجود آھي  اھا ئي ان جي بدقسمتي بھ آھي ۽ خوش قسمتي بھ آهي.ان جاگرافيائي بيھڪ  پهرين سرد جنگ ۾ به وڏين طاقتن جي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو ھو  ۽ هينئر به دنيا جي جن ملڪن تي سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ ايندو انھن ۾ ملڪن ۾ پاڪستان شامل ھوندو. ماضي ۾ سوويت يونين کي روڪڻ مقصد هو. جيئن تھ اھو  افغانستان  تائين اچي ويو ھو  اھڙي ريت پاڪستان آمريڪا لاءِ فرنٽ لائن رياست بڻجي ويو ۽ هن ڀيري  مقابلو چين سان ٿيندو، جنھن جو پاڪستان  پاڙيسري ۽ سڀني کان ويجهو دوست آهي. آمريڪا چين جي مقابلي لاءِ هندستان کي چونڊي ورتو آهي ۽ اهوبھ  پاڪستان جو پاڙيسري ۽ پراڻو حريف آهي. ٻئي طرف ھن جنگ جي لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر افغانستان کي استعمال ڪيو ويندو ۽ پاڪستان  ان جو بھ پاڙيسري آهي. جيئن ته ڌريون  اڃا تائين ان سرد جنگ جي تياري ۾ لڳل آهن، ان ڪري اهي کليل طرح سان پاڪستان کي ”تون مون سان گڏ آھين يا منهنجو مخالف“ واري انداز ۾ مطالبو نه ڪري رهيون آهن، پر حقيقت اها آهي ته آمريڪا  لوڏا ڏياري۽ چين  ترغيبون ڏئي ڪري پاڪستان کي مجبور ڪري رهيا آهن تھ اھو پنھنجو  ڪيمپ واضح ڪري ڇڏي.

منھنجي خيال ۾ ماضيءَ وانگر آمريڪي يا چيني ڪئمپ ۾ وڃڻ صحيح نه ٿيندو. بهتر ٿيندو ته پاڪستان پاڻ کي وچ ۾ رکي ته جئين ھو ڪنھن ڌر جي غيض غضب جو نشانو نھ بڻجي. جيڪڏهن بصيرت ۽ اتحاد کان ڪم ورتو  وڃي ته ڪنهن جي بيھڪ کي ڪنھن مصيبت جي  بدران غنيمت ۾ بھ  تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ پنھنجي جاگرافيائي حيثيت کي ٻنهي ڌرين کان  فائدي کڻڻ جي لاءِ بھ  استعمال ڪري سگھجي ٿو. مختصر لفظن ۾ جيستائين دنيا نيو ورلڊ  ڊس آرڊر  مان گذري رهي آهي.پاڪستان نئين سرد جنگ ۾ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪري. ان کانسواءِ اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان يا افغانستان ان نئين سرد جنگ جا گرم پاسن جا ميدان  نه بڻجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.