تحريڪ انصاف ۽ پارٽين ۾ جمهوريت

تحرير: امتياز عالم

منعقد ٿيڻ کا ن اڳ ئي شڪي بڻيل چونڊن جي شيڊيول جي اعلان سان ابھام تھ ختم ٿيو. اليڪشن ڪميشن جي اعلان کانپوءِ 8 فيبروري تي چونڊن منعقد ٿيڻ واري تاريخ کان 56 ڏينھن اڳ چونڊن جو شيڊول گھڻو ڪري 14 ڊسمبر تي اعلان ڪيو ويندو. ڇنڇر واري ڏينھن تي  ئي تحريڪ انصاف جي پارٽي چونڊ تيزيءَ سان ٿي وئي ۽ پارٽي اڳواڻ عمران جي نااهلي کي نظر ۾ رکندي بئريسٽر گوهر کي بنا مقابلي پارٽي اڳواڻ چونڊيو ويو، جڏهن ته باقي عهديدارن کي برقرار رکيو ويو.

بهرحال، جھڙي طرح سان  پي ٽي آءِ جي گذريل چونڊن کي غير قانوني قرار ڏنو ويو هو، تنهن ڪري اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ميدان مان غائب ڪيل تحريڪ انصاف جي گذريل ڏينھن ٿيل ”غائبانھ پارٽي اليڪشن“ کي  قانوني جواز ملندو بھ يا نه؟ جڏهن مقصد ئي ھڪ  پارٽيءَ کي چونڊ ميدان مان ڪڍڻ  آھي ته پوءِ بيلٽ پيپر مان بيٽ جو نشان تلوار وانگر غائب ڪرڻ ڪو وڏو ڪم ناهي. انهيءَ گناهه جو وڏو فائدو اهو ٿيندو ته سڄي چونڊ عمل ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جي وڏي گناهه کان بچي سگهجي ٿو. چونڊن جي شفافيت تي تھ اڳ ئي سوال کڙا ٿي  ويا آهن ته پوءِ ھڪ ٻيو گناهه بھ سھي. يقينن اليڪشن ڪميشن کي انهن ايمرجنسي پارٽي اليڪشنن،جيڪا ھڪ طرح جي غائبانھ  جنازي  نماز هئي، تي مھر ھڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي تھ  پي ٽي آءِ جي  گذريل سال جون چونڊون تھ تمام گهڻيون ”جمهوري ۽ قانوني“ هيون.

ھونئن ڏسجي تھ  ڪهڙي پارٽيءَ جون چونڊون جمهوري هونديون آهن جن ۾ شفاف چونڊ ضابطن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. هڪ اڌ استثنيٰ کانسواءِ 176 رجسٽرڊ پارٽين جي چونڊن جو ڪٿي به ڪو ثبوت ناهي ۽ جن پارٽين پنھنجي چونڊن نتيجن کان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو آهي ۽ جن کي تصديق جو شرف بھ بخشيو ويو آھي. انهن جون چونڊون ڪيتري قدر جمهوري ۽ نمائنده هيون. سڀئي پارٽيون پنهنجي بانين، جوڙيندڙن، خاندانن، شخصيتن ۽ گروهن جون مرھون منت آهن ۽ انهن جو جمهوري عمل سان پري پري جو بھ واسطو ناهي. هاڻي انڌن ۾ ڪاڻي راجا جي نشاندھي (پي ٽي آءِ) کل جھڙي ناھي تھ ٻيو ڇا آھي.

جڏهن سياسي پارٽيون ئي پنھنجي وصف ۾ غير جمهوري ۽ آمراڻيون  آھن، يا وري   ڪنھن خاندان يا شخصي طلسم تي ڀاڙينديون هجن ته پوءِ جمهوري عمل ۾ عوام جي شرڪت جو ڇا مطلب آهي؟ ھڪ ليڊر  جي چوڌاري ننڍڙو گروهه  پارٽي جي ڪارڪنن ۽ ميمبرن کان مٿي مٿي نھ رڳو چونڊن ۾ پنھنجي اميدوارن،ھٿ سان جوڙيل منشور ۽ حڪومتي جوڙيل ۽ قانون سازي جو فيصلوڪندو تھ پوءِ  جمهوريت کي عوامي بنياد ۽ منظوري ملندي، نھ پارٽيون هڪ نامياتي جسم بڻجي سگھنديون جيڪي جمھوريت جي  آبياري ڪري سگھن ۽ عوام جي ادارن جي تشڪيل ڪري سگھنديون.

يقيناً تاريخي طور تي ادارن ۽ رياستي مداخلتن سان جمهوري عملن ۽ پارٽين جي واڌ ويجھھ  لاءِ ماحول کي خراب ڪيو ويو، پر سياسي جماعتن جي جمهوري ۽ نامياتي جوڙجڪ کان ڪنهن روڪيو ھو ؟ جيڪڏھن آمريتي ڍانچي جي زنجيرن کي ڪنھن ٽوڙيو بھ ھو تھ اھو  عوامي سياست جي جماعتن ٽوڙيو۽ اهي به عوامي طاقت جي زور تي. ۽ عوامي  طاقت جو اظهار بعد نئين سر آبادياتي آمريت واري رياست جي خمير لاءِ سٺو جذبو بڻجندو رهيو آهي.

جنهن جو مظاهرو اسان 1970ع جي المناڪ باب جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيون. جنهن رياست ۾ عوام جي فعال شموليت نه آهي،تھ  ان جي ڪا به جاگرافي ناهي ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي جزا نه آهن تھ رياست ڪٿي رھجي ٿي  وڃي. اسان سياست جي علم ۾ پڙهيو ھو ته رياست سماج جي مٿان هڪ اھڙي جابراڻي قوت ھوندي آهي جيڪا پنهنجي غير جانبداري کي برقرار رکي ٿي. پر جڏهن ڪو ھڪ طاقتور ادارو  رياست هجڻ جو دعويدار بڻجي  پنهنجي اجنبي ۽ غيرجانبداري وڃائي ويهي  ته اهڙي رياست پنهنجو ”جواز“ وڃائي ويهندي آهي.

ان کانسواءِ سينسرشپ ۾ جڪڙيل ميڊيا رياست جي اصطلاح کي فوجي جي متبادل طور تي پنھنجي علمي بدديانتي جي تصديق ڪري ڇڏي.ھونئين بھ رياست، آخري تجزيي ۾، هڪ طبقاتي بنياد تي پر تشدد ادارو آهي، جنھن کي هڪ سماجي معاهدي جي ذريعي، عوام آئيني تحفظ ۽ قانوني  حڪمراني سان پابند بڻائي ڪري، پنھنجي  حڪمراني جي حق کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جتي عوام ڪامياب ٿئي ٿو، اتي جمهوريت سندن مقدر بڻجي ٿي ۽ جتي ناڪام ٿئي ٿو، اتي آمريت، ملوڪيت و خلافت ۽بادشاھت، آپيشاهيت ۽ مطلق العنانيت غالب ٿي وڃي ٿي. بدقسمتيءَ سان اها ئي پاڪستان جي قسمت آهي ۽ اها اڃان بھ تبديل ٿيڻ جي لاءِ تيار ناهي.

هاڻي پارٽي چونڊن کانپوءِ تحريڪ انصاف قانوني ۽ آئيني پارٽي هجڻ باوجود سياسي پارٽي طور چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندي يا نھ . اهو ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو. ان جي راهه ۾ آيل سڀ کان وڏي رڪاوٽ عوامي قبوليت آهي. جيڪا ان کي قبول بخشڻ کان روڪي ٿي. علم سياست جي روءِ سان  پارٽين جا ڪيترائي قسم آهن، پر اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن طبقي يا طبقن جي مفادن جي دعويٰ ڪن ٿيون. نظرياتي طور تي اهي کاٻي ۽ ساڄي ونگ ۽ انهن جي مختلف ثانوي رجحانات جون مظهر ھونديون آهن. پنھنجي جوڙجڪ جي لحاظ کان اهي ڪيڊر پارٽيون ھونديون آهن يا عوامي  ھونديون آهن.

ساڄي ۽ کاٻي ڌر جون نظرياتي پارٽيون ڪيڊر پارٽيون ھونديون آهن، اسان وٽ وسيع عوامي حمايت واريون پارٽيون جمھوري نھ آھن.جيڪي عوامي حلقن جي حمايت تي گروهي يا شخصي يا خانداني اقتدار کي مسلط ڪن ٿيون ۽ جيئين پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف، اي اين پي وغيره. پارٽين ۾ خانداني بادشاهت جمهوريت جي وصف جي  خلاف آهي، جڏهن ته شخصيت پرستي يا ڪلٽ جي پرستش  پاپولسٽ تھ ٿي سگھن ٿيون، پر جمهوري نه. ذوالفقار علي ڀٽي هڪ وڏي عوامي پارٽي منظم ڪئي، پر ڪا به متبادل قيادت اڀري نھ سگھي ۽ پارٽي خانداني  ورثيو يا شاهي وراثت جي لپيٽ ۾ اچي وئي. مسلم ليگ (ن) آمريت جي پيٽ مان جنم ورتو ۽ ڀٽي جي سوشل لبرلزم جي خلاف اڀريل ساڄي ڌر جي ردعمل مان اڀري، هڪ خانداني لميٽيڊ  ڪمپني بڻجي وئي. تحريڪ انصاف عمران جي ڪلٽ جي چوڌاري جمع ٿي وئي، جيڪو لاشريڪ رهيو، ۽ ان جي ڪلٽ تي مڪمل انحصار جي باوجود، مائنس عمران تي راضي ٿي وئي ته بيٽ جو نشان تھ برقرار رهي.

اسان  جيڪو مٿي پارٽيءَ جو  تجزيو پيش ڪيو آھي ،ان جي پيش نظر رڳو اھو ئي چئي سگھجي ٿو تھ  اهي سڀئي پارٽيون، عوامي منشائن ۽ جمهوري اميدن کي پورو ڪرڻ جي بنيادي صفت کان محروم آهن. جيڪو ڪجھھ ھن وقت تحريڪ انصاف سان  ٿي رهيو آهي ۽ اھا مائنس عمران تي  حقيقي طور نھ سھي پر رسمي طور تي تھ راضي ٿي وئي آھي. مائنس ڀٽو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته پيپلز پارٽي پارليامينٽرين بڻي. 2018ع جي چونڊن ۾ مائنس نواز شريف ٿيو تھ ھن جي  ڀاءُ خود قيادت سنڀالي ورتي ۽ خود پنھنجي وڏي ڀاءُ جي سياست مان موڪلاڻي ڪرائي.ڀلي اهو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ٿو يا نه.

هاڻي عمران به پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، ھاڻي اھومعلوم ناهي ته نئون آيل بئريسٽر گوهر بيٽن جو نشان  بچائي سگهندو يا نه. جتي پارٽين جو اھو حال ٿي وڃي  تھ پوءِ بي بي جمهوريت جي جمال جي بي توقيري نه ٿيندي تھ  ڇا ٿيندو؟ ھونئن بھ ھاڻي  هائبرڊ سسٽم کي مستقل بڻائڻ لاءِ ادارتي تياري مڪمل  ٿي چڪي آھي. هاڻي انھن جو لاڏلو يا لاڏلي  ڪير هوندو. ان جي ميوزيڪل گيم شروع ٿي چڪي آهي،جنھن سان جمهوريت جو ڇا وڃي ۽ مهانگائي ۾ رليل عوام سان ڪھڙو واسطو.

 

جھڙي طرح سان  پي ٽي آءِ جي گذريل چونڊن کي غير قانوني قرار ڏنو ويو هو، تنهن ڪري اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ميدان مان غائب ڪيل تحريڪ انصاف جي گذريل ڏينھن ٿيل ”غائبانھ پارٽي اليڪشن“ کي  قانوني جواز ملندو بھ يا نه؟ جڏهن مقصد ئي ھڪ  پارٽيءَ کي چونڊ ميدان مان ڪڍڻ  آھي ته پوءِ بيلٽ پيپر مان بيٽ جو نشان تلوار وانگر غائب ڪرڻ ڪو وڏو ڪم ناهي. انهيءَ گناهه جو وڏو فائدو اهو ٿيندو ته سڄي چونڊ عمل ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جي وڏي گناهه کان بچي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.