ثقافتي ڏھاڙو: منتشر قوم کي گڏائڻ جو موقعو

ذلفي چاچڙ

ھر سال جيان ھيل به سنڌي ثقافتي ڏھاڙو وڏي  جوش ۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي. جيتوڻيڪ ثقافتي ڏھاڙو ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھايو ويندو آھي، پر ان حوالي سان سنڌ ۾ سرگرميون ھڪ ھفتو اڳ ۾ ئي شروع ٿي وينديون آھن. اھو ثقافتي ڏھاڙو ئي آھي، جتي منتشر قوم بنا ڪنھن فرق جي پاڻ ۾ گڏ  ٿئي ٿي. ان ڏينھن تي ئي ڪراچي سنڌ جو شھر محسوس ٿيندو آھي، جتي ھر طرف کان سنڌي ٽوپي پاتل ۽ اجرڪ اوڍيل سنڌي سٻاجھڙا نظر ايندا آھن.

ان عمل مان ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻھو گڏ ٿيڻ لاءِ تيار آھن. ڇا ڪاڻ ته انھن جو استحصال  ته گھڻي وقت کان ٿي رھيو آھي، پر ھاڻي نوبت ان حد تائين اچي وئي آھي ته  ملڪ جي مخلتف علائقن جا ڏتڙيل ماڻھو، جيڪي ريل گاڏين  ۾ پنندي سنڌ پھتا ھا ۽ سنڌ ۾ رھندي خود کي فاتح   سمجھڻ لڳا، اھي نه رڳو سنڌي ماڻھن کي حقارت جي نظرن سان ڏسن ٿا پر کين سري عام قتل پڻ ڪن پيا. سنڌ ۾ رھندڙ غير سنڌين کي ھر اھو غير ملڪي پوءِ اھو ڀل تخريب ڪار ئي ڇو نه ھجي يا ڪنھن ڪرمنل  سرگرمي ۾ ملوث ھجي، ته قبول آھي پر ڪو پرامن سنڌي قبول ناھي.

سنڌي ماڻھو سمجھن ٿا ته گڏ ٿيڻ کان سواءِ قومي وجود ۽ وطن بچائڻ جو ٻيو ڪو به چارو ناھي، ارڙنھين ترميم ختم ڪري صوبن کي ڏنل نالي ماتر  صوبائي اختيار کسڻ جي جيڪا سازش ۽ ڪوشش ٿي رھي آھي، دراصل پنجاب ھر قيمت تي ننڍن صوبن تي پنھنجي بالادستي قائم رکڻ چاھي ٿو، پوءِ ان جو نتيجو سورنھن ڊسمبر 1971ع جھڙو ئي ڇو نه نڪري، ان جي کيس ڪا ڳڻتي ۽ پرواھ ناھي. سنڌ ۾ بيروزگاري سبب لکين ماڻھو غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذرڻ تي مجبور آھن، خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائن جي عدم موجودگي سبب سوين ٻارڙا غير طبعي موت جو شڪار ٿي رھيا آھن.سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بي زمين ھارين کي ڏيڻ جي بدران طاقتور ادارن کي ڏني پئي وڃي. زرعي سڌارا آڻڻ لاءِ ضروري آھي ته ڪنھن کي به ڏھ ايڪڙ  زمين کان وڌيڪ ذاتي جاگير رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ڇو ته ھاري ئي بھتر زرعي سڌارو ۽ انقلاب آڻي سگھندا، پر ھتي الميو اھو آھي ته مافيائن جي سرڪاري سطح تي سرپرستي ڪري آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جا ماڻھو اھو بخوبي سمجھن ٿا ته سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جو ڪارڻ نه رڳو ڪرپشن پر ڌارين جي يلغار ھٿان ٿيندڙ سندن استحصال ۽ عسڪري عياشي پڻ آھي. سنڌي ماڻھن سان اھا وڏي ويساهه گھاتي آھي جو انھن خراب ڪارڪردگي ۽ بدترين ڪرپشن جي باوجود به جنھن پارٽي کي  ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندا رھيا آھن، ان به ڌارين جي حمايت ڪئي آھي، اھي ڌاريا جيڪي سنڌين جو استحصال ڪرڻ سان گڏ سندن معاشي ۽ جسماني قتلام پڻ  ڪري رھيا آھن.

سوچڻ جي ڳالهھ اھا به آھي ته سنڌي ماڻھو ثقافتي ڏھاڙي جيان ڪنھن سياسي جماعت سان گڏ ڇو نه نٿا ٿين؟ ڇا سنڌ ۾ قيادت جو فقدان آھي يا اھا به ھڪ سازش آھي ته ننڍن ننڍن گروپن ۽ پارٽين جي ذريعي سنڌي ماڻھن کي گڏ ٿيڻ نه ڏنو وڃي؟

ڳالهھ اعتماد پيدا ڪرڻ جي آھي، جيڪو گھڻي ڀاڱي سنڌ جا سياستدان پيدا ڪري ناھن سگھيا، عام سنڌي تقريبن جذباتي لاڳاپن يا عقيدت سبب سياست ۾ حصو وٺي ٿو، ان لاءِ انھن جي سياست وطن ۽ قوم لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻھن جو گڏ ٿيڻ ئي ھڪ غير معمولي ۽ خوش آئنده عمل آھي. ماضي ۾ سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻھو ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي نظرن کان بچڻ لاءِ مزارن تي گڏ ٿيندا ھا ۽ اتي گڏجاڻيون ڪري حڪمت عملي جوڙي پنھنجي پنھنجي ذميداري نڀائڻ لاءِ نڪري پوندا آھن، اھڙي طرح آھستي آھستي درگاھن تي ايترا ماڻھو گڏ ٿيڻ لڳا جو اتي ميلن جو رواج پئجي ويو. جنھن مان ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ کي خوف ٿيڻ لڳو، جنھن پنھنجا وسيلا ۽ ڇاڙتا استعمال ڪري ميلن جي مثبت  مقصد کي منفي بڻائي ڇڏيو.ان لاءِ ضروري آھي ته ثقافتي ڏھاڙي کي ھاءِ جيڪ  ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ ان کي غير روايتي طريقي سان ملھائڻ گھرجي، جنھن سان سنڌ مٿان موجوده خطرا ٽري وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.