ڀارتي ڪوششون ناڪام، پاڪستان يونيسڪو ايگزيڪيوٽو بورڊ جو وائيس چيئرمين چونڊجي ويو

پاڪستان سفارتي سطح تي ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ميمبر ۽ ڀارت کي هارائي وائيس چيئرمين چونڊجي ويو.
نومبر 2023 ۾ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ گروپ چونڊون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان 2023 کان 2027 جي مدي لاءِ يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ طور ٻيهر چونڊجي ويو.
15 نومبر 2023 تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ 154 ووٽ حاصل ڪيا هئا.
ان کانسواءِ پاڪستان يونيسڪو ايگزيڪيوٽو بورڊ جي وائيس چيئرمين شپ لاءِ ڀارت کي شڪست ڏني.
وائيس چيئرمين لاءِ 58 رڪني ايگزيڪيوٽو بورڊ مان پاڪستان 38 ۽ ڀارت 18 ووٽ حاصل ڪيا، اها ڪاميابي ملڪ لاءِ فخر جوڳي آهي، ڇو ته اها عالمي سطح تي وڏي ڪاميابي آهي.
پاڪستان وٽ 2023 کان 2025 تائين يونيسڪو ايگزيڪيوٽو بورڊ جي وائيس چيئرمين شپ رهندي.
يونيسڪو ايگزيڪيوٽو بورڊ تنظيم جي پاليسين ۽ پروگرامن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.