ن ليگ 3 ڀيرا حڪومت ڪئي، لاهور ٺاهيندڙن ملڪ لاءِ ڇا ڪيو؟ شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪي چون ٿا اسان لاهور ٺاهيو، انهن کان پڇو ته باقي ملڪ جو ڇا ٿيو؟
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي ڪالهه ياد آيو ته هنن لاهور ٺاهيو آهي، اهو پيغام آهي ته هو لاهور کي ئي پاڪستان سمجهن ٿا، احسن اقبال جي جماعت ٽي ڀيرا ملڪ تي حڪومت ڪئي، ٻڌايو ته هنن پاڪستان لاءِ ڇا ڪيو؟
هن چيو ته ڪراچي ۾ صحت جون سڀ کان وڏيون سهولتون آهن، صحت کان وڌيڪ ڪو شعبو ناهي، روڊ ۽ فلاءِ اوور پوءِ ڏسنداسين، اسان چوندا آهيون جان آهي ته جهان آهي، هيلٿ سيڪٽر ۾ ڪو به پ پ جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي، پ پ ماڻهن کي اميد جو ڪرڻو ڏيکاريندي آهي، پ پ عوام جي حمايت سان چونڊن ۾ حصو وٺندي، ن ليگ سان اسان جو ڪو جهيڙو ناهي، اسان جي ويڙهه لساني سياست ۽ غربت خلاف آهي.
سندس چوڻ هو ته ٿر جي ڪوئلي جو ڪريڊٽ ن ليگ کڻي رهي هئي، انهن کي نه کڻڻ گهرجي ها، بينظير ڀٽو جي دور ۾ ن ليگ ٿر ڪوئلي جو پروجيڪٽ روڪيو، ٿر ڪوئلي جا ذخيرا ايترا آهن جو ٻن سالن تائين ايڪسپورٽ ڪري سگهون ٿا.
شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جي اتحاد سان فرق نٿو پئي، هن ڀيري به پ پ مخالفن کي شڪست ٿيندي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون تڪراري ٿي چڪيون آهن، معاملو شايد عدالت ۾ وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.