53 سالن کان رڳو پاڻي جو مٺن شربتن تي زندهه رهندڙ 75 ورهين جي عورت

75 ورهين جي ويتنامي عورت جو چوڻ آهي ته هن گذريل 50 سال ۾ ڪجهه ناهي کاڌو، هو رڳو پاڻي ۽ مٺن شربتن يا سافٽ ڊرنڪس تي ئي زندهه آهي.
ويتنام جي صوبي ڪوانگ سان واسطو رکندڙ عورت ”بوئي ٿي لوئي“ پنهنجي عمر جي لحاظ سان سٺي نظر ايندي آهي جڏهن ته حيران ڪندڙ طور تي اها آهي ته هوءَ مڪمل ناهي وٺندي.
هوئي ٿي لوئي جي دعويٰ آهي ته هوءَ اڌ صدي کان پاڻي ۽ سافٽ ڊرنڪس تي زندگي گھاري رهي آهي ۽ هن کي ڪڏهن به کائڻ جي خواهش ناهي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو 1963ع ۾ شروع ٿيو جڏهن هو ۽ ٻيون عورتون جنگ دوران زخمي فوجين جو علاج ڪرڻ لاءِ ٽڪريءَ تي چڙهي رهيون هيون ته ان دوران بيهوش ٿي ويون پر قوشقسمتي سان زندهه بچي ويون هيون پر ان کان پوءِ اڳ جهڙي ڳالهه نه رهي.
هوش ۾ اچڻ کان پوءِ هن ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪجهه نه کاڌو ته سندس ساٿين هن کي مٺو پاڻي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ان واقعي جي ڪجهه سالن کان پوءِ بوئي ٿي لوئي ڪجهه ٺوس کاڌو کائڻ جاري رکيو، خاص تي ميوا، ڇو جو سندس خاندان ۽ دوستن کين زور ڀريو هو پر هن اهڙي طرح جا کاڌا کائڻ جي ضرورت محسوس ئي نه ڪئي.
1970 ۾ بوئي ٿي لوئي ٺوس غذا کان پرهيز ڪئي ۽ زندگي گذارڻ لاءِ مڪمل طور تي پاڻي ۽ سافٽ ڊرنڪس تي ڀاڙڻ لڳي، سندس فرج ۾ پاڻي جي بوتلن ۽ مٺن شربتن سان ڀريل آهي.
75 ورهين جي عورت جي دعويٰ آهي ته کائڻ جي بوءِ سان سندس حيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳندو آهي، هن سدائين پنهنجن ٻارن لاءِ کاڌو بڻايو پر هن پاڻ نه کاڌو، هاڻي جيتوڻيڪ سندس ٻار وڏا ٿي چڪا ٻئي ملڪ وڃي چڪا آهن ته هن ڪچن مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن اسان صحت جي حوالي سان ڳالهه ڪريون ته ڪو به ڊاڪٽر اوهان کي ٻڌائيندو ته صحتمند زندگي لاءِ متوازڪ خوراڪ ڪيتري ضروري آهي پر بوئي ٿي لوئي جي پاڻي تي ٻڌل خوراڪ ظاهري طور تي کيس صحتمند رکڻ لاءِ ڪافي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊونگ هوئي ۾ ويتنام ڪيوبا فرينڊشپ اسپتال جي خوراڪ بابت شعبي جي ڊاڪٽرن موجب مٺا سافٽ ڊرنڪس ضرورت جي وقت جسم جي توانائي کي تيزي سان وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ جسم جي هاضمي جي نظام جي ڪم ۾ مدد ڏيندا آهن.
پر ڊاڪٽر ان ڳالهه تي زور ڏيندا ته سافٽ ڊرنڪس انساني صحت لاءِ خطرناڪ ٿي سگھن ٿا ۽ ان سان ٿولهه،شگر،هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جا مرض به ٿي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.