مثالي خوبصورتي جو راز، ننڊ نه اچڻ ۽ ٿڪاوٽ سميت اهم مسئلن جو پَڪو حل!

ناقص کاڌ خوراڪ جي ڪري اڄڪلهه تقريبن هر ماڻهو ٿڪل ٿڪل محسوس ڪندو آهي، سڄو ڏينهن آفيسن توڙي ٻني ٻاري جا ڪم ڪار هجي يا وري مزوري ۽ روزاني جي ڪمائي جو ڪو ٻيو گهور ڪندڙ پورهيو هجي، جسم ۾ سور، ٿڪاوٽ ۽ سستي هر ڪنهن جو مسئلو آهي.

ٿَڪل ماڻهوءَ کي ته ننڊ سولي اچي ويندي آهي پر ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ يا گهڻو وقت موبائل جو استعمال ڪندڙ شخص توڙي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ تڪڙي ننڊ اچڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي، جنهن لاءِ ڪيترائي ماڻهو مختلف طريقا پيا استعمال ڪندا آهن.

خوبصورتي ڪنهن کي نه گهرجي؟ دنيا ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هوندو جيڪو نه چاهيندو هجي ته اهو خوبصورت نظر اچي ۽ سڀني کان الڳ هجي. خوبصورتي آڻڻ انتهائي ڏکي پر انکي وڃائڻ سولو هوندو آهي، مردن جي ڀيٽ ۾عورتون خوبصورت نظر اچڻ لاءِ وڏا جتن ڪنديون رهنديون آهن جن لاءِ انهن کي مهانگي مهانگي پارلز تي وڃڻو پوندو آهي جيڪو وري اڄڪلهه جي مهانگائي جي دور ۾ انهن جي مڙسن جي کيسن تي وڏو بار هجي ٿو، اها وري انهن کي خبر هوندي جنهن سان اهڙو مسئلو هوندو.

بهرحال ڄاڻايل ٽئي مسئلا هلڪي نوعيت جا ناهن، نه ئي توهان ڪڏهن انهن کي سولائيءَ ۽ سستائي سان حاصل ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌو يا سوچو هوندو!

پر جيڪڏهن اڄ اسان اوهانکي ٻڌايون ته اهي ٽئي مسئلا چُٽڪي ۾ هل ٿيڻ ٿي ويندا، سو به رڳو هڪ ننڍڙي پر انتهائي خاص ڳالهه تي عمل ڪجي ته! ڇا توهان ان ڳالهه تي يقين ڪندا؟

توهان جي اعتماد اسان جو حوصلو آهي، پر جيڪڏهن ڪير ان ڳالهه تي يقين نه به ڪري ته اها سندس ذاتي سوچ سمجهجي، پر اڄ اسان اوهانکي هڪ اهڙو طريقو ٻڌائي رهيا آهيون جيڪو اوهان جا اهي ٽئي مسئلا تمام سولائيءَ سان حل ڪري ڇڏيندو.

نه رڳو ايترو پر توهان ايترا ته ڦڙت، چسپ خوبصورت ٿي ويندا جو توهان سان گڏ ٻيا ماڻهو به توهان جي اهڙي خوبصورتي ۽ ڦڙتي تي حيران ٿيندا ۽ راز پڇندا.

اهم ڳالهه اها به آهي ته اسان جيڪو نسخو ٻڌائي رهيا آهيون اهو سستو ۽ سولو ته آهي ئي آهي پر انکي روز جي بدران رڳو هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا ئي استعمال ڪجي ته گهڻو بهتر آهي. مطلب ته ان نسخي لاءِ روز جو جنجهٽ به ناهي.

نسخو پڙهو ۽ ان تي اڄ کان ئي عمل ڪيو

ٻه گلاس کير ۾ ٻه ننڍا داڻا دارچيني جا، ٻه ننڍا ڦوٽا ۽ ٻه لونگ وجهو ۽ ان ۾ ٿوري هيڊ وجهو.

اهو کير صحيح نموني گرم ڪيو، ايتري تائين جو اهو هڪ گلاس يا انکان ڀلي ٿورو وڌيڪ جيترو بچي.

بس اهو هئو نسخو، هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا رات جي وقت اهو کير پيئڻ سان نه رڳو توهان جي جسم ۾ اندرين ۽ ٻاهرين تڪليفن ۽ ٿڪاوٽ جو خاتمو ٿي ويندو، رات جي وقت ننڊ سُٺي ايندي ۽ توهان ڏينهون ڏينهن قدرتي خوبصورت ٿيندا ويندا، پر اهو کير توهان لاءِ صحت جي ٻين اهم فائدن جهڙوڪ هڏن جي مضبوطي، پيٽ جي مسئلن، نڙي ۽ ساهه جي مسئلن ۽ خاص ڪري مردن لاءِ جسماني ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ به وڏي حد تائين فائديمند ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.