اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي اپيلن تي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اپيلن تي ٻڌڻي هلائي، نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف کي مالڪ ۽ مريم نواز ۽ ٻين ٻارن کي بي نامي ثابت ڪرڻ جو بار پراسيڪيوشن تي هو، اسان جو موقف اهو ئي رهيو ته الزام به غلط لڳو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته معذرت سان نه چارج صحيح فريم ٿيو ۽ نه وري نيب کي خبر هئي ته شاهديون ڪهڙيون آهن. نواز شريف جي وڪيل وڌيڪ چيو ته ابتدائي جاچ رپورٽ رڳو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏنو، نيب ٽي وي انٽرويوز پيش ڪيا، نواز شريف جي اسيمبلي فلور تي ڪيل تقرير جو حوالو ڏنو، هڪ شاهد رابرٽ ريڊلي آهي، جيڪو ڪيس ۾ ڪنهن حد تائين لاڳاپيل شاهد ناهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب رڳو ٽپالي جو ڪم ڪيو يا پاڻ به جاچ ڪئي؟ جنهن تي وڪيل امجد پرويز چيو ته نيب رڳو ڪوڙي ڪارروائي ڪئي، پنهنجي طور تي ڪا به جاچ ناهي ڪئي، نواز شريف کي رڳو جي آءِ ٽي ۾ ڏنل بيان جي تصديق لاءِ سڏيو ويو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته نيب اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مريم نواز بينيفيشل اونر آهي؟ وڪيل امجد پرويز چيو ته نيب اها ڪوشش ضرور ڪئي.
پر الزام جي حق ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي