اسمگلنگ ۾ ملوث سياستدانن خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ٿي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سرڪاري سطح تي اسمگلنگ جي  سرپرستي ملڪي معيشيت جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ انٽيليجنس ادارن طرفان بااثر سياسي ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ باوجود انهن خلاف ڪاروائي ڇو ناهي ٿي؟ کاڌ خوراڪ جون شيون، ملڪ کان ٻاهر وڃڻ سان ملڪ جو ڪمزور ۽ ڪرپٽ سيڪيورٽي نظام وائکو ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اوڀايو جوڻيجو ۽ گهنور خان زئور پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ مان ڪڻڪ، کنڊ، چانور ۽ ٻيون خوراڪ جون شيون اسمگل ڪري کاڌ خوراڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. سنڌ جي جن حڪمرانن جا اسمگلنگ جي سرپرستي ۾ نالا آيل آهن، انهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.