سنڌ ۾ ڀاڻ جو سنگين بحران، بليڪ مارڪيٽنگ،آبادگار سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ، آبادگار سراپا احتجاج، تفصيل موجب  سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ حمز علي چانڊيو جي قيادت ۾ محرابپور ۾ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڀاڻ مافيا خلاف ڌرڻو هنيو ويو. سنڌو نواز گھانگھرو قافلي جي صورت ۾  ڪنڊياري کان محرابپور پهتي جتي شهر جي مُک گيٽن وٽ هالاڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. 3 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻي ۾ ڪوبه انتظامي آفيسر نه آيو جنهن بعد ڌرڻو ريلي جي صورت ۾ ڀاڻ مافيا خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ ريلي جي صورت ۾ ٿاڻي طرف روانو ٿيو پر پوليس ريلي کي لوڌي چوڪ وٽ اڳتي وڌڻ نه ڏنو تهمظاهرين اتي ئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جتي پڻ 2 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻين۾ اي سي ۽ مختيارڪار محرابپور اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ پهتا پر ڳالهيون ناڪام رهيون. جنهن بعد سنڌو نواز گھانگھرو ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڌرڻو ختم ڪري جمعي تي نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سنڌو نواز چيو ته مختيار ميمڻ ۽ امتياز ميمڻ سنڌ ۾ جيڪب آباد کان عمرڪوٽ تائين ڀاڻ جا وڏي ۾ وڏا ڊيلر آهن ۽ هو هر سال ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين کي اربين روپين جو نقصان ڏين ٿا جن کي ٽائون چيئرمين جاويد ميمڻ ۽ ضياءُ الحسن لنجار جي سياسي سرپرستي حاصل آهي جڏهن ته کپرو ۾ چيٽ جي فصل ڪڻڪ ۾ ڀاڻ ڊي اي پي ، سونا يوريا اينگرو يوريا ، 23 23 ڪارو ڀاڻ جي کوٽ جو بهانو بنائي آبادگارن کي زرعي دوڪاندارن ٿوڙي پيڊي مالڪن هڪ هٽي قائم ڪري ڀاڻ مهنگي اگھ ۾ وڪرو ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا آھن ڪير به ڀاڻ مافيا خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي ڊي اي پي ڀاڻ ڪمپني اگھه 8500 جي بجاء 14000 روپيه ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، ڪاروڀاڻ  23 ،23 8900 ۾ ،يوريا 5000 ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، آبادگارن حاجي جعفر بوزدار , ڪامريڊ عرس منڱريو , حاجي عبدالله ۽ ٻين چيو ته ھڪ ته ڪڻڪ جو ٻج غريب جي پهچ کان مٿي ويو مٿان وري ڀاڻ مهانگو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن موري، گچيرو، سونهري فارم، شاهپور جهانيان، نوان جتوئي ڏيپارجا، ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ واپاري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن 3600 روپيا ملندڙ يوريا ڀاڻ جي ٻوري 5200 روپيا تائين وڪرو ٿي رهي آهي آبادگارن  رئيس  عبدالرزاق بهڻ ڊاڪٽر جمال الدين ٻگهيو دوست محمد ٻگهيو استادعبيد الله ٻوهيو غلام شبير سيٺار ايڊووڪيٽ شهزادو اتيرو رئيس ضمير حسين سيٺر حاجي ربنواز بڙدي ميرنواز ڪلهوڙو نواب مري محمد مٺل لغاري ۽ ٻين چيو ته انتظاميا ڀاڻ ڊيلر مافيا خلاف قانوني قدم کڻي،پيروسڻ ۾ پيپلز هاري ڪاميٽي پاران فقير علي گوهر شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڀاڻ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي راڻيپور ۾سنڌ آبادگار اتحاد ضلع خيرپور پاران ضلعي خيرپور ۾ زرعي  ڀاڻ کوٽ  جي شديد کوٽ جي خلاف آبادگارن ۽ ھارين سنڌ آبادگار اتحاد خيرپور جي صدر جمال محمود کھڙو غلام حسين چانگ . دين محمد چانگ، زاھد سامٽيو ، ڪرم سامٽيو، مجيب آزاد ڀيلار ـ مھدي حسن ڀاڳت ، عارف خاڪي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ راڻي پور پراڻي اسٽينڊ کان دستگير گيٽ تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو اڳواڻن چيو ته  ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم نه ڪئي وئي ته ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.