راولپنڊي (م ڊ) بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ ٻه شهري شهيد ۽ 3 فوجين سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب 26 نومبر تي موٽر سائيڪل سوار آپگهاتي بمبار بنون ضلعي جي جنرل علائقي بڪه خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي ڀرسان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجين سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بيان موجب آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ افغان شهري طور ٿي، جيڪو حافظ گل بهادر گروپ سان سلهاڙيل هو، دهشتگرد جو نالو رابن الله پٽ خانور گل آهي، هو 26 نومبر تي افغان سڃاڻپ ڪارڊ تي پاڪستان ۾ داخل ٿيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.