شاپنگ مال کي باهه لڳڻ کانپوءِ عمارت سيل، پوليس نفري مقرر

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي واقع شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ گڏيل جاچ ٽيم جي حڪم تي عمارت  کي مڪمل سيل ڪري پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪنهن کي به سامان هٽائڻ جي اجازت ناهي. متاثر عمارت جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته 700 کان وڌيڪ دڪاندار پريشان آهن، دڪاندارن جو گذر سفر دڪانن تي هلي ٿو، جلد کان جلد جاچ ڪري کين ڪاروبار ڪرڻ ڏنو وڃي. پوليس جي جاچ ٽيم متاثر شاپنگ مال جو دورو ڪيو، ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي غلام اظفر مهيسر جو چوڻ آهي ته ذميوارن خلاف جاچ ڪئي ويندي، ۽ قانون پنهنجي ڪارروائي ڪندو. ڊي آءِ جي ايسٽ غلام اظفر مهيسر چيو ته متاثر شاپنگ مال کي هڪ هفتي لاءِ سيل ڪيو ويو آهي، پوليس جي جاچ ٽيم ستن ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ ايڊيشنل آءِ جي کي پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.