ڪراچي(رپورٽر)آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راجا سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن. عام چونڊن دوران امن امان ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع رٿابندي تيار ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ پوليس جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي، اينٽي اسمگلنگ مهم ۽ ايندڙ عام چونڊن تي ٻڌل ايجنڊائن کي پوائنٽ ٽو پوائنٽ بحث هيٺ آندو ويو ۽ بعد ۾ بريفنگ ۾ وڌيڪ هدايتون ڏنيون ويون ۽ فيصلا ڪيا ويا.آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ ،فيملي ٽري نادرا کان چيڪ ڪرايا وڃن هن چيو ته صوبي ۾ جاري اينٽي اسمگلنگ مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن، سندن سهولتڪارن ۽ سرپرستن تي مضبوط هٿ وڌو وڃي.