ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير جي اغوا ۾ ملوث نواب مزاري پيش

ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور واسي ساگر ڪمار ۽ گڊو واسي ڊاڪٽر منير نائچ جي اغوا ۾ ملوث گينگ جو سربراهه نواب مزاري پوليس آڏو ھٿيار  ڦٽا ڪري ڇڏيا ڪشمور واسي ساگر ڪمار ۽ گڊو واسي ڊاڪٽر منير احمد نائچ جي اغوا ۾ ملوث گينگ جو سربراهه نواب مزاري پاڻمرادو پوليس آڏو پيش ٿيو آهي. ڪشمور پوليس، ڪشمور پوليس موجب نواب مزاري پوليس آپريشن ۽ لڳاتار پوليس ڪارواين بعد پوليس آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن پوليس موجب ھڪ مھينو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايل ساگر ڪمار ۽ ڏيڍ مھينو ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل گڊو واسي ڊاڪٽر منير نائچ جي اغوا ۾ ملوث گينگ جي سربراهه نواب مزاري ڪشمور پوليس آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري ڏوهن جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.