گلشن اقبال: اڳوڻو ايم پي اي حاجي منور وساڻ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ G بلاڪ جي رهواسين پاران لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي شرڪت ڪئي ۽ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هن بلاڪ جي قائم ٿيڻ کان اڳ سوسائٽي کي ڪينسل ڪيو هو جنهن سبب غريب ماڻهن پنهنجي پئسن تي پلاٽ وٺي گهر آباد ڪيا آهن 18 سئو کان وڌيڪ آرسي سي گھر آباد آهن جن کي ڊاهڻ درست نه آهي عدالت کي غلط آگاهه ڪيو ويو آهي ان ڪري عدالت کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري غريب رهواسين کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن غريبن ماڻهن کي انصاف ملي سگهي.