ڪتاب ” ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس“ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

سائين مَشڪور ڦلڪاري جو هي ڪتاب سال 2015ع ۾ ” لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊويلپمينٽ پروگرام “ نالي هڪ اين جي او، حيدرآباد منجهان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ ، ٿر جي انتظامي ۽ قدرتي صورتحال ۽ ٿرپارڪر ۾ سُڪارَ ۽ ڏڪارَ بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چَوڻيون شامل آهن.

ليکڪ ”پنهنجي پاران“ لکيل حصي ۾ ٻڌايو آهي ته هن ڪهڙي طرح سان پنهنجي تحقيقي سفر کي سرانجام ڏنو ۽ ڪيئن هي ڪتاب لکي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيوآهي. پهرئين مرحلي ۾ هن سڄي ٿرپارڪر جي طبعي ڀاڱن جو جائزو ورتو ۽ ٿر جي نمائنده سُگهڙن ، اديبن ، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين سان ڪچهريون ڪري ٿر بابت معلومات حاصل ڪئي. ٻئي مرحلي ۾ هن ڏيپلي تعلقي ۾ ڳوٺن جي حالتن جو جائزو ورتو ، انهن جا تفصيلي دورا ڪيا ۽ پهرئين مرحلي ۾ مليل ڄاڻ جي تصديق ڪئي.  جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ هُن هڪ ٽيم سان گڏ سموري مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ انهن جي مدد سان هي ڪتاب لکي مڪمل ڪيو. ليکڪ پنهنجي ٽيم ۾ شامل سڀني ماڻهن جا نالا پڻ لکيا آهن ۽ آخر ۾ انهن جا ٿورا پڻ مڃيا اٿس.

ڪتاب جو مهاڳ سائين نور احمد جَنجهي لکيو آهي ، جنهن ۾ هُن ٿر جو مختصر تعارف ڪرائڻ کان پوءِ ، ٿرپارڪر بابت لکندڙ تاريخدانن ۽ تحقيقدانن بابت ڄاڻ ڏني آهي. ان کان پوءِ هن ڪتاب جي ليکڪ بابت چيو اٿن ته ؛ ” محترم مشڪور ڦلڪارو سنڌ جو متحرڪ ڪردار ۽ جاکوڙي ليکڪ رهيو آهي ، تنهن جڏهن ٿر جو مشاهدو ڪيو ، مطالعو ڪيو ته پنهنجي اندر جي تجربي کي هن ڪتاب ۾ توهان سان اورڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. ڀلان ڀليءَ جو ته ڇيهه ڪونهي پر هن پنهنجي وَس آهرِ من ۾ محبت پائي رنڊا روڙ ڪئي آهي. هن ٿرپارڪر جي لوڪ ڏاهپ کي سائنس جي روشنيءَ ۾ برمچائي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي“ ان کان سَواءِ پروفيسرغلام حسين سومري ۽ پروفيسر شمس الدين تُنيي صاحب پڻ ليکڪ جي قلمي پورهيي ۽ سَهيڙ جي واکاڻ ڪئي آهي.

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ هن ٿرپارڪر ضلعي جو تعارف ڪرايو آهي ۽ ٿر جي انتظامي ۽ قدرتي طبعي ورهاست ، ٿر جي معاشي حالتن ، گُذر سفر جي وسيلن ، ٿر ۾ پوندڙ برساتن ، ٿر جي زراعت ۽ پوکن ، ٿر جي کوهن ۽ پاڻيءَ جي مسئلن ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس جي لاڳاپي، سنبت وِڪرمي سال ۽ عيسوي ڪيلينڊر سان نسبت ۽ نِکٽ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ سُڪارَ جي اهڃاڻن، ٿر جي هَوا ، نکٽ، موسمن ، آسمان ، سج ، چنڊ ، تارن ، ڪڪرن ، ماڻهن ، ڌاتُن ، کاڌن ، پکين ، جيتن ، وڻن ، ٻوٽن ، جانورن ، برساتن لاءِ ” مِينهن نماز“ ، برساتن لاءِ سَوڻن ۽ ساٺن ، ڏُڪار جي وصفن ، ڏُڪار جي قِسمن ، چوماسي جي اصل حقيقت ، ٿر جي سَماجَ ۽ ڏُڪارَ، ٿري ماڻهن جي سُڪارَ ۽ ڏڪارَ جي مقابلي جي تياري بابت لکيو آهي.

جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ هن ؛ ٿري لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي اهميت ۽ ٿر جي ٻولين ، ٿر جي سُڪارَ ۽ ڏڪارَ بابت پهاڪن ۽ چوڻين ، ڪتاب ۾ شامل مواد جي  ڇنڊ ڇاڻ لاءِ ترتيب ڏنل سائنسي تحقيقاتي ڪاميٽي ۽ هِن ڪتاب جي تياري ۾ مدد ڪندڙ مهربانن جا نالا ڏنا آهن. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جا ٻيا حصا ته ساڳيا ئي آهن ، جهڙا هن قسم جي تحقيقي ڪتابن ۾ شامل هوندا آهن ۽ انهن ۾ موجود مواد به بهترين ۽ اهميت جوڳو آهي ، ان لاءِ ليکڪ کي جَسُ هجي جو اهڙو ڀَلوڙ تحقيقي ڪم سهيڙيو اٿس، پر ”سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي“ واري ڳالهه نئين ۽ چَڱي آهي. اِها نواڻ پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندي. هن عمل منجهان ليکڪ جي لوچَ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻين مٿان نه مڙهڻ واري سوچَ  ، ٻَڙڪي ٻاهر نڪري ٿي.

هن پنهنجي تحقيق کي جيئن جو تيئن هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو آهي پر سمورو مواد مختلف مڪتب فڪر جي ماهرن کان ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي پوءِ هي ڪتاب سرجيو اٿس. انهن ماهرن جا نالا ؛ پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين سومرو ، پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، پروفيسر ڊاڪٽر عِنايت الله راڄپر ، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز احمد سومرو ، پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ مير اعظم علي ٽالپر آهن ، اهي نالا هن ڪتاب جي صفحي نمبر ٻه سئو ٽيهتر تي ڏنل آهن. هن ڪتاب جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ليکڪ، ٿر جي هاڻوڪن ڇهن ئي تعلقن ۽ ٿر جي ڏهن ئي طبعي ڀاڱن جي اُپٽار وڏي تفصيل سان ڪئي آهي ۽ خاص ڪري ٿر جي سامروٽي واري ڀاڱي ۾ موجود 61 عدد لوڻ جي کاڻن جا نالا لکيا اٿس ، ان کان سواءِ هن پارڪر ۾ موجود ڪارونجهر جبل جي 109 چوٽين جا نالا پڻ لکيا آهن. اهڙي قسم جي ڄاڻ هجڻ ڪري هي ڪتاب ، ٿرپارڪر تي لکيل ٻين ڪتابن  کان منفرد ۽ مختلف آهي.

ٻه سئو اسي صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب پڙهندڙ کي ٿرپارڪر ضلعي بابت اهم ۽ بُنيادي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.ڪتاب جي آخر ۾ انهن سڀني ماڻهن جي نالن جي لِسٽ ڏنل آهي ، جن ليکڪ جي ڪتاب سَرجڻ ۾  ٿوري يا گهڻي مدد ڪئي آهي. منهنجي سمجهه مطابق هي ڪتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ گهر ويٺي ئي سموري ٿرپارڪر ضلعي جي ڄاڻ حاصل ڪري وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.