لاهور (م ڊ) عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي سيڻ ميان عطا مانيڪا چيو آهي ته بشريٰ خاتون اول بڻي ته مانيڪا فيملي ۾ پئسن جي ريل پيل ٿي وئي، بشريٰ بي بي کي ننڍپڻ کان سڃاڻيان ٿو، دم درود وارو روپ ڏسي پاڻ حيران ٿي ويس، خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عطا مانيڪا چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان بشريٰ بي بي کي عون چوڌري ملرايو، عون چوڌري وغيره خان صاحب جي ذهن ۾ وڌو ته بشريٰ بي بي وڏي پهتل شخصيت آهي، وزيراعظم هائوس وڃي بشريٰ روپ ئي تبديل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان پي ٽي آءِ چيئرمين جا لاڳاپا خراب ڪرڻ بشريٰ بي بي ۽ ان جي سهيلي جي ڦرلٽ جو به هٿ آهي، پروجيڪٽ عمران خان بري طرح ناڪام ٿيو، فرح گوگي جا معاملا کليا ته اسان کي پوءِ خبر پئي.