بئنگلورو (م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي 41 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو رستو آسان ڪري ڇڏيو آهي، نيوزيلينڊ سريلنڪا جو 172 رنسن جو هدف 24 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ٻه اهم پوائنٽون حاصل ڪري ورتيون. ڊيون ڪانوي 45، ڊيرل مچل 43، راچن رويندرا 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، سريلنڪن ٽيم 47 هين اوور ۾ 171 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪوشل پريرا 51 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيو. ان کانسواءِ ڌننجيا ڊي سلوا 19، انجيلو ميٿيوز 16 رنسون ٺاهيون. پاٿم نسانڪا ٻه، دشمنٿا چميرا ۽ سديرا وڪرما هڪ، هڪ رنسن ٺاهي سگهيا. نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ٽي، ليوڪي فرگوسن، مچل سينيٽنر ۽ راچن رويندرا 2،2، وڪيٽون حاصل ڪيون. شاندار بالنگ تي ٽرينٽ بولٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.