ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ ڪراچي پوليس آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهر ۾ امن امان جي موجوده صورتحال سميت ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽  اسٽريٽ ڪرائم، ماوا،گٽڪا مافيا خلاف پوليس جي ڪاررواين تي غور ڪيو ويو ۽ ٻين ڏوهن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ وڌيڪ هدايتون ڏنيون ويون، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ پوليس جي اڳڀرائي خاص ڪري اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڪيسن بابت پڻ آگاهه ڪيو، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز کي ڪڏهن به نه بخشيو وڃي، جڏهن ته منشيات، ماوا ۽ گٽڪا مافيا خلاف جاري ڪارروائين کي تيز ڪيو وڃي، ڏوهن جي شرح تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن ۽ ان حوالي سان ڏوهن ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي گروهن کي پرو ايڪٽو پوليسنگ تحت قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

  • اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پهريون ڀيرو 100 انڊيڪس 54 هزار کان مٿي بند

ڪراچي ( م ڊ ) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 51 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار  بند ٿيڻ تي ڊالر 286 رپيا 90 پئسا تي پهچي ويو. انٽر بئنڪ ۾ هن هفتي ڊالر 2 رپيا 59 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 287 رپيا 50 پئسا تي برقرار رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري لاڙو هاڪاري رهيو ۽ 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 54 هزار کان مٿي بند ٿيو. ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 130 پوائنٽس وڌي 53 هزار 866 تي پهچي ويو. ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 525 پوائنٽس وڌي 54 هزار 261 جي سطح تي بند ٿيو، پهريون ڀيرو 100 انڊيڪس 54 هزار کان مٿي بند ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.