اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي پرڏيهي مالياتي فرق بابت نئين تجويز ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام ۽ اثرن بابت بريفنگ گهري ورتي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نگران حڪومت هلندڙ مالي سال پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وڏي واڌ جي اميد رکي ٿي ۽ پرڏيهي مالياتي خال سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري سان ڀرجي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته عرب ملڪ توانائي، هوابازي، معدنيات ۽ زراعت جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪندا. ذريعن موجب فرانس، جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا ڊسڪوز جي مئنيجمينٽ ڪنٽرول سان ڊگهي مدي لاءِ معاهدن ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڊسڪوز جو مئنيجمينٽ ڪنٽرول نجي شعبي کي ڏيڻ لاءِ صلاح مشورا جاري آهن. آءِ ايم ايف سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام ۽ اثرن بابت بريفنگ گهري ورتي آهي. آءِ ايم ايف پڇا ڪئي آهي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ سبسڊيز تي ڪائونسل جي عملن جو اثر ڇا ٿيندو؟. ذريعن موجب ايئر پورٽ هلندڙ مهيني آئوٽ سورس ٿيندو.