ممبئي ( م ڊ ) ورلڊ ڪپ جي 39هين ميچ ۾ آسٽريلوي بيٽسمين گلين ميڪسويل شاندار بيٽنگ ڪندي افغانستان کان فتح کسي ورتي. ميڪسويل جي 128 بالن تي 201 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز جي بدولت آسٽريليا افغانستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. افغانستان پاران ڏنل 292 رنسن جو هدف آسٽريليا 47 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. گلين ميڪسويل جي 201 رنسن جي اننگ کي ون ڊي ڪرڪيٽ جي بهترين اننگز چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. ميڪسويل جي 201 رنسن جي اننگز ۾ 10 ڇڪا ۽ 21 چوڪا شامل هئا. آسٽريليا ورلڊ ڪپ 2023 جي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٽين ٽيم آهي، ان کان اڳ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا اڳ ئي ناڪ آئوٽ اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪا آهن. افغانستان مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنسون ٺاهيون، ابراهيم زدران 129 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ايڊم زمپا ۽ گلين ميڪسويل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. افغانستان پاران ڏنل 292 رنسن جي هدف جي پويان آسٽريليا جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي، ڊيوڊ وارنر 18، مچل مارش 24، لوبوشين 14، ٽريوس هيڊ ۽ جوش ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. آسٽريليا جي ڇهين وڪيٽ 87 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي ٽيم جو اسڪور 91 رنسن تائين پهتو، مچل اسٽارڪ 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. قسمت ميڪسويل تي مهربان رهي، ٻه آسان ڪيچ ڊراپ ٿيا قسمت جو فائدو وٺندي ميسڪول هڪ اهڙي اننگز کيڏي جيڪا گهڻي وقت تائين ياد رهندي، کيس ٽنگ ۾ به مسئلو هو جنهن سبب هو ڊوڙڻ کان لنوائي رهيو هو پر هن ڇڪا ۽ چوڪا هڻڻ کي ترجيح ڏني. ميڪسويل ۽ ڪمنز اٺين وڪيٽ لاءِ 202 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، اها پارٽنرشپ جنهن ۾ ڪمنز جي صرف 12 رنسون شامل هيون، باقي ميڪسويل اسڪور ڪيو.