اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ مهيني چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ريٽرننگ آفيسرن جي مقرري کانپوءِ شيڊول جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن موجب چونڊ شيڊول سان گڏ ووٽر لسٽون منجمد ۽ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ٿي ويندي آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊ لسٽن جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي، وفاق ۽ صوبن ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جو شيڊول ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ لاءِ پنهنجي راءِ ڏني آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر ۾ آر اوز جي مقرري، تڪ بندين جي پڌرائي، ووٽر لسٽون توڙي مقرريون ۽ بدليون مڪمل ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته چونڊ جو شيڊول تيار ڪيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن قانون تحت گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن تي ٻڌل چونڊ شيڊول جاري ڪري سگهي ٿو.