هوا ۾ موجود ڪيميائي گيسون نائٽروجن، ڪاربان مونو آڪسائيڊ مٽي جي ٻين ننڍن ننڍن ذرن کي پارٽيڪيوليٽ ميٽر چيو ويندو آهي، اهي اهو شيون آهن جن جي ڪري هوائي گدلاڻ کي ماپيو وڃي ٿو، ماحولياتي يا هوائي گدلاڻي انسان جي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندي آهي، عالمي بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر سال رڳو هوائي گدلاڻي جي ڪري ٻاويهه هزار ماڻهو موت جو شڪار بڻجي وڃن ٿا جڏهن ته چار ڪروڙ کان مٿي ماڻهن ساهه جي بيمارين جو شڪار بڻجن ٿا. ڪيترن ئي ماڻهن کي هوائي يا ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري ئي هر وقت ٿڪاوٽ، ساهه ۾ ڏکيائي ۽ طبيعت ۾ بيقراري ۽ بيچيني رهندي آهي. جڏهن ته اها چڙچڙائپ جو به سبب هجي ٿي.