بينگلور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ 9 نومبر تي شيڊيول ميچ دوران برسات جا امڪان وڌي ويا.
بينگلور ۾ شيڊيول آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اهم مقابلي ۾ خميس تي نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون پر ان کان اڳ موسم خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ کان اڳ اڄ تيز برسات ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ برسات جو پاڻي هڪ فوٽ تائين بيهي رهيو.
پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اها ميچ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن اها ميچ برسات سبب برابر ٿي ته پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو.
پر جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي ته پاڪستان لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويندا.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته بينگلور ۾ خميس تي به 80 سيڪڙو برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته آئوٽ فيلڊ به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
You might also like