اسان پنهنجي وڊيوز ۾ ڪيترائي ڀيرا گهر جي رڌڻي ۾ موجود مصالحن جي فائدن بابت ٻڌائي چڪا آهيون، جن بابت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي آهي، ان سان گڏ دارچيني ۽ دارچيني جي چانهه جا فائدا به ٻڌايا آهن ته ڪهڙي ريت دارچيني جو ڪاڙهو نزلي، زڪام ۽ کنگهه لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي. دارچيني جي ڪاڙهي ۾ لونگ، ننڍا فوٽا، سنڍ ۽ ٿوري مقدار ۾ چانهه پتي توڙي ماکي استعمال ڪري سگهجي ٿي، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته دارچيني ۽ ڪيلو گڏائي به استعمال ڪري سگهجن ٿا؟ ۽ انهن جا فائدا ڪهڙا آهن؟