چيني سائنسدانن اسٽيم سيل ٿراپي جي هڪ انقلابي آزمائش ڪاميابي سان ڪئي آهي، جنهن سان شديد دل جي ناڪاميءَ (Heart Failure) کي 90 سيڪڙو تائين واپس بهتر ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان هڪ نئين طبي تحقيق جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.
نانجنگ ڊرم ٽاور اسپتال جي محققن اسٽيم سيل ٿراپي جي آزمائش لاءِ ڪلينڪل ٽرائل ڪيو، جنهن ۾ دل جي ناڪاميءَ ۾ مبتلا 10 مريضن کي شامل ڪيو ويو.
دل جي ناڪامي هڪ ڊگهي عرصي تائين رهندڙ بيماري آهي، جنهن دوران دل جسم جي ضرورت مطابق رت پمپ ڪرڻ جي قابل نه رهندي آهي.
ان جو مطلب اهو ناهي ته دل مڪمل طور ڪم ڪرڻ بند ڪري ٿي، پر اها اڳ وانگر صحيح طريقي سان ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهندي آهي.
هن بيماري جو مستقل علاج موجود ناهي، پر دوائن جي مدد سان ان کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
انهيءَ حوالي سان چيني سائنسدانن اسٽيم سيل ٿراپي جي آزمائش ڪئي. ڪلينڪل ٽرائل دوران 10 مان 9 مريضن جي دل جي ڪارڪردگي بهتر ٿي وئي ۽ دل جي نون ٽشوز جي واڌ به شروع ٿي وئي.
هن ٽرائل دوران 10 مريضن جي دل ۾ اسٽيم سيلز داخل ڪيا ويا، جن کي دل جي پٺن جي خليات جي واڌ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو.
محققن مريضن جي جسم ۾ موجود خليات کي خاص قسم جي اسٽيم سيلز ۾ تبديل ڪيو ۽ پوءِ اهي خليات ٻيهر مريضن جي جسم ۾ داخل ڪيا ويا.
ڪلينڪل ٽرائل ۾ 10 مريضن جي هڪ گروپ جي بائي پاس سرجري پڻ ڪئي وئي.
سڀني 20 مريضن جي دل جي ڪارڪردگي جي نگراني دل جي تصويرڪشي، ليبارٽري ٽيسٽن ۽ ٻين طريقن سان ڪئي وئي.
نتيجن مان معلوم ٿيو ته اسٽيم سيل ٿراپي حاصل ڪندڙ گروپ ۾ شامل 10 مان 9 مريضن جي دل جي ڪارڪردگي هڪ سال دوران نمايان طور بهتر ٿي وئي.
ٻئي گروپ ۾ شامل مريضن جي حالت ۾ ڪا خاص بهتري نظر نه آئي.
اسٽيم سيل ٿراپي حاصل ڪندڙ مريضن ۾ دل جي ناڪاميءَ جي علامتن جي شدت به گهٽجي وئي ۽ اهي ڪافي حد تائين معمول تي اچي ويون. ڇاتي ۾ جڪڙ ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جهڙيون علامتون پڻ نمايان طور بهتر ٿي ويون.
انهن مريضن 6 منٽن جي پنڌ واري ٽيسٽ ۾ به ٻئي گروپ جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.
محققن اهو پڻ معلوم ڪيو ته اسٽيم سيل ٿراپي کانپوءِ مريضن جي دل مان رت جي گردش وڌيڪ بهتر ٿي وئي.
انهن مريضن ۾ هن نئين طريقي سان علاج دوران ڪو به سنگين نقصانڪار اثر پڻ سامهون نه آيو.
البته محققن جو چوڻ آهي ته هن علاج کي سڀني مريضن لاءِ عام ڪرڻ کان اڳ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، جيئن ان سان لاڳاپيل امڪاني خطرن جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي.