عمران خان ملاقات دوران نورين نيازي سان سهيل آفريدي يا قيادت خلاف ڪجهه ناهي چيو: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان، پنهنجي ڀيڻ نورين نيازي سان ملاقات دوران سهيل آفريدي يا پارٽي قيادت خلاف ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ نورين نيازي سان فون تي رابطو ٿيو هو. نورين نيازي ملاقات جي احوال بابت ڪجهه نه ٻڌايو ۽ چيو هو ته هوءَ ٻاهر ان بابت ڳالهه نه ڪندي.

هن چيو ته نورين نيازي ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ملاقات بابت من گهڙت خبرون هلائيون پيون وڃن، جڏهن ته عمران خان سهيل آفريدي يا پارٽي قيادت خلاف ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي.

بئريسٽر گوهر چيو ته ملاقات کانپوءِ نورين نيازي خوش هئي، جڏهن ته ڪجهه ڳالهيون شيئر نٿيون ڪري سگهجن.

واضح رهي ته 18 آگسٽ تي اڊيالا جيل ۾ نورين نيازي جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وئي هئي.

You might also like