اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي جي منظوري کانپوءِ نگران وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي گهٽ کان گهٽ ماهوار پگهار ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
سرڪاري ملازمن جي گهٽ کان گهٽ پگهار 32 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي، سڀني ملازمن کي پهرين جولاءِ کان 32 هزار رپيا ماهوار پگهار ملندي، جن ملازمن جي پگهار 32 هزار رپين کان گهٽ آهي، انهن کي خاص الائونس ڏنو ويندو.
صدر عارف علوي جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت عمل شروع ڪري ڇڏيو، واڌو خرچ هلندڙ مالي سال لاءِ مختص بجيٽ مان پورا ڪيا ويندا، واڌو خرچن لاءِ ڪا ضمني گرانٽ جاري نه ڪئي ويندي.
You might also like