ضروري ته ناهي!

غلام مهدي بلوچ

سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران منعقد ڪيل چوٿون لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچيءَ ۾ بهترين انداز ۾ ملهايو ويو. لطيف سرڪار جي نالي سان منعقد ٿيندڙ هن ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا جنهن ۾ ٿر جون سٻاجھڙيون عورتون پنهنجي هٿ جي هنر سان ٺيهل ٽُڪ جون رِلهيون، وِهاڻا، پِنڊيون، برٿ ڀريل ڊريسون، اجرڪ ۽ ٽوپيون پنهنجي اسٽالن تي رکي ويٺيون هيون جتان هر عورت پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري رهيون هيون.

 ٻئي پاسي تنبورا ۽ هٿ جي هنر سان ٺهندڙ مِٽيءَ جا ٿانوَ به اسٽالن تي پيل نظر آيا. اهڙيءَ طرح ڪتابن جو اسٽال ته اهڙا زبردست هيا جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب وٺڻ لاءِ هر ماڻهو اسٽال تي بيٺل نظر آيو. لطيف ميلي جي ٻنهي ڏينهن سنڌي ٻوليءَ سان چاهه رکندڙ هر اردو توڙي ٻي ٻولي ڳالهائيندڙن به شرڪت ڪئي، ان ميلي ۾ پهرين ڏينهن تي 12 تقريبون منعقد ڪيون ويون، جنهن ۾ سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شاھ جي رسالي تي تقريرون، شاھ جا سر، سنڌ جي نياڻين جي دردناڪ ڪهاڻي ۽ سنڌ جي نوجوانن بابت ڳالهھ ٻولهه ۽ تقريرون پڻ ڪيون ويون، جڏهن ته سنڌ جون بااختيار عورتون ۽ سنڌ ۾ عورتن جي حيثيت بابت پڻ بهترين انداز ۾ سيشن پيش ڪيا ويا.

جامي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته اهڙي طرح پروگرام ته ٿيندا رهيا، سيشن مڪمل ٿيندا ويا، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ڳالهھ اڳيان رکي پر منهنجي هن ڪالم جي عنوان تائين ڳالهھ ناهي پهتي، دراصل "ضروري ته ناهي” مون هي عنوان ان لاءِ ڏنو ته لطيف ميلي ۾ پيش ڪيل سڀ سيشن پنهنجي جڳهھ تي پر جڏهن آخري سيشن ٿيڻ لڳو ۽ سنڌ جي نوجوانن جو پسنديده ڳائڻو جيڪڏهين آءُ ان کي سنڌ جو اريجيٽ سنگهه چوان ته ڪو به انڪار نه ڪندو جنهن جو نالو سيف سميجو آهي،

اهو پنهنجي سيشن ۾ جڏهن” ضروري ته ناهي” وارو ڪلام ڳائڻ لڳو ته ان کان اڳ هن وضاحت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ڇڏي وڃي ته ضروري ته ناهي ان جي ڏک ۾ انسان پنهنجي زندگيءَ کي روڪي ڇڏي پر اڳتي وڌندو رهي. هن اهو به چيو ته هو انسان جي زندگيءَ ۾ ڪنهن انسان جي پيار جي وضاحت به ڪري ٿو پر ان گاني کي سنڌ لاءِ به سوچي پيو. اهڙي طرح سيف سميجو تاريخ رقم ڪري ڇڏي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ٻيٽ، ڪارونجهر ۽ ٻيون ملڪيتون کپائڻ وارن خلاف ڳالهائڻ وارن کي چيو ٿو وڃي ته را جا ايجنٽ آهن ان لاءِ ضروري ته ناهي ڊپ ۾ چپ ٿي وڃجي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي تي ماٺ ڪجي، ”ضروري ته ناهي“. هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ پنهنجي زمين جي مالڪي جو حق رکن ٿا.

سيف سميجي جي ان اظهار  ۽ ڪلام کان پوءِ سڄي پنڊال ۾ جيئي سنڌ جا نعرا لڳڻ لڳا ۽ محفل ۾ جهمريون لڳنديون رهيون. سنڌ سان محبت جو اظهار نه رڳو نعريبازي پر ڳائڻ، وڄائڻ ۽ لکڻ سان به ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ آءُ به چوان ٿو ته دٻاءُ ۾ اچي لکڻ بند ڪجي "ضروري ته ناهي”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.