غزا پٽي(م ڊ)اسرائيل غزا جي پٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتالن جي چوڌاري شديد بمباري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ غزا پٽي ۾ انٽر نيٽ ۽ ٽيلي فون جي مواصلاتي لائنين کي ٽيون ڀيرو منقطع ڪري ڇڏيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي جارحيت سان وڌيڪ 252 فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن جو انگ 10 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 25 هزار 408 فلسطيني زخمي آهن سعودي خابرو اداري مطابق اسرائيل غزه شهر جي اتر ، اولهه ، ۽ ڏکڻ اوڀر کي نشانو بڻائيندي وڏا حملا ڪري رهيو آهي،فلسطيني هلال احمر چيو آهي ته اسرائيلي اختيارين هيل تائين ٻارڻ موڪلڻ جي اجازت ناهي ڏني گڏيل قومن جي سمورن وڏن ادارن جي سربراهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه ۾ انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته گهڻو ٿيو هاڻي ان جنگ کي بند ٿيڻ گهرجي، هوڏانهن اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هگاري غزه جي پٽي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي دعويٰ ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به صورتحال ۽ هر محاذ تي وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته غزه جي الشفا اسپتال تي اسرائيلي بمباري مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، اٽڪل هڪ مهيني کان ٻارن ۽ عورتن سميت غزه جا شهري گهيراءَ هيٺ آهن، کين امداد ڏيڻ بدران ماريو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته اسرائيل گڏيل قومن جي امدادي تنظيمن پاران جنگ بندي جي مطالبن کي رد ڪندي غزه ۾ حملا تيزڪري ڇڏيا آهن . هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا اسرائيل مان پنهنجا سمورا سفارتڪار واپس گهرائي ورتا آهن،