اڳوڻي چيف جسٽس کي بجلي يونٽن عيوض روڪ رقم کان انڪار

لاهور  (عوامي آواز نيوز)  اڳوڻي چيف جسٽس انور الدين ظهير سپريم ڪروٽ جي رجسٽرار معرفت  درخواست ڏني آهي ته هو  ماهوار  ملندڙ 2   هزار بجلي يونٽ استعمال نٿو ڪري ان ڪري کيس ان عيوض 2  هزار يونٽ بجليءَ جي روڪ رقم ڏني وڃي. نامياري صحافي امداد سومري اردو ويب سائيٽ پاڪستان 24 تي شايع ٿيل خبر جو حوالو   ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته هو رٽائرڊ  جج جي حيثيت ۾ ماهوار 2 هزار يونٽ مفت بجليءَ جوحقدار آهي پر هن سولر سسٽم  هڻايو آهي ۽  بجلي  يونٽ استعمال نٿو ڪري ان ڪري کيس 2هزاي  يونٽ بجليءَ جي جيڪا رقم ٿئي ٿي اها کيس ڏني وڃي، درخواست  جي جواب ۾ سينيٽ  ڊويزن چيو آهي ته هر رٽائرڊ  جج کي 2 هزار  يونٽ بجلي مفت ڏني ويندي آهي اها استعمال ڪري يا نه  ڪري ان جي مرضي، 2 هزار بجلي يونٽ استعمال نه ڪرڻ جي عيوض  روڪ رقم نه ٿي ڏئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.