اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته عوام تحريڪ انصاف سان گڏ آهي، اسان پنهنجي نظريئي تي وڙهنداسين، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مشڪلات جو اسان شڪار آهيون پر اسان پنهنجي پر ۾ ڪوشش ڪري رهيا آهيون اسان کي اهي سمورا حق ملڻ گهرجن جيڪي هڪ عام پاڪستاني کي ملن ٿا، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌائي ته ليول پليئنگ فيلڊ ڪٿي آهي؟ اسان پنهنجي چونڊ نشان بيٽ تي چونڊ وڙهنداسين، عمران خان جا کلاڙي چڪا ڇوڪا هڻندا، هن چيو ته مون تي به پارٽي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ هو، صدر مملڪت مان اڃا به اميدون آهن،ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستان جو ڪو به تڪ خالي نه ڇڏيون