نوشهره ( م ڊ ) پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي ميان مظفر شاهه ۽ بئريسٽر سرور شاهه پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اڳوڻو ايم اين اي ميان مظفر شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ منشيات جو وفاقي وزير هو. مظفر شاهه ۽ بئريسٽر سرور شاهه جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي ايز ظاهر شاهه طورو، ادريس خٽڪ، عاقب الله خان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.ٻئي پاسي اڳوڻو ايم پي اي افتخار الحسن گيلاني استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ۽ عبدالعليم خان اوچ شريف پهتا، جتي هنن اڳوڻي ايم پي اي مخدوم افتخار الحسن گيلاني سان ملاقات ڪئي. جهانگير ترين ۽ عبدالعليم خان افتخار الحسن گيلاني جي پارٽي ۾ شموليت تي آجيان ڪئي ۽ پارٽي جو مفلر پارايو.
نواز شريف جي واپسي کانپوءِ ن ليگ عوام جي نظرن ۾ وڌيڪ ڪري پئي آهي: حماد اظهر
اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته مان دعويٰ ڪريان ٿو ته نواز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ نواز ليگ عوام جي نظرن ۾ وڌيڪ ڪري پئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ حماد اظهر چيو ته سڄي نظام جي گندگي سامهون اچي رهي آهي. حماد اظهر موجب قومون مظلوم سان گڏ بيهنديون آهن ۽ ظالم کي نفرت سان ڏسنديون آهن. حماد اظهر وڌيڪ چيو ته جيئن جيئن اليڪشن ويجهو ايندي، تيئن تيئن اها پارٽي استحڪام پارٽي کان به هيٺ هوندي.