ڪي پي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، ليفٽيننٽ ڪرنل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد

پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي خيبر ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي  نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي تيرا ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 جوان شهيد ٿيا، جن ۾ اسلام آباد جو 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، لڪي مروت ضلعي جو 31 ورهين جو نائيڪ خوشدل خان، چارسده ضلعي سان تعلق رکندڙ 27 ورهين جو نائيڪ رفيق خان ۽ مري ضلعي سان تعلق رکندڙ 33 سالن جو لانس نائيڪ عبدالقادر بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاران فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ انواز الحق ڪاڪڙ چيو ته  پاڪ فوج جي جوانن وطن جي حفاظت لاءِ تيرا ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، وزير اعظم چيو ته  پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.