اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف پراڻن انگ اکرن تي ٻڌل پاڪستان سرڪار جي رپورٽ رد ڪندي رياستي ادارن جي نقصانن بابت تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن حڪومت ڊسمبر تائين مهلت گهري ورتي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وزارت کان هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي تائين سرڪاري ادارن جي خساري بابت تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومتي ادارن جي خساري بابت پراڻي ڊيٽا رپورٽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کان ڊسمبر 2023ع تائين رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ٽيم کي پنهنجي پهرين جائزي جي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جي آفيسرن چيو ته رياستي ادارن جي نئين ڊيٽا جي جاچ ٿي رهي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد کي پاڪستاني اختيارين ٻڌايو ته هو حڪومتي ادارن جي نئين ڊيٽا جي رپورٽ جلد مڪمل ڪندا.