ڊيوٽي دوران قتل ٿيل اهلڪار جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) لاڙڪاڻو ۾ دوران ڊيوٽي قتل ويل پوليس اهلڪار نديم احمد لاشاري جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، شهيد  سپاهي جي معصوم پٽن ۽ وارثن طرفان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، 3 سال اڳ لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس اهلڪار نديم لاشاري جي قتل ۾ 6 جوابدارن مان 3 جوابدار ته گرفتار ٿي ويا جن کي سزا به اچي وئي پر مک 3 جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول اهلڪار جي امڙ حسنه خاتون، گهر واري نصرت بيگم، ڀيڻ روشنه ۽ ٻين چيو ته 3 سال اڳ قتل ٿيل نديم لاشاري جا مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، ڳوٺ کان نديم ڊيوٽي تي سول لائن ٿاڻي تي اچي رهيو هو ته رستي تي جوابدارن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو، قربان، طالب، عابد لاشاري گرفتار آهن ۽ ٻيا جوابدار سڪندر، اڪرم ۽ مريد هن مهل تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.