سرڪار غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ڏئي پئي:لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اوڀايو جوڻيجو ۽ محمد علي ٽالپر  چيو آهي ته سنڌ جي نگران حڪومت لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ڏيڻ ۾ پوري آهي، ڪراچي ۾ چاليهه لک کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي رهن ٿا، جن کي واپس موڪلڻ لاءِ قدم ناهن کنيا ويا، سنڌ حڪومت افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس موڪلڻ لاءِ چار ارب روپيا رکيا آهن ان جي باوجود افغانين خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، گڏيل بيان ۾ اڳواڻن چيو ته ميڊيا جي رپورٽن موجب هن وقت تائين ڪاچي شهر مان پنجن ڏينهن ۾ صرف 328 ڄڻا ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن ۽ 66 افغاني ڪئمپ ۾ ويهارياويا آهن، اڳواڻن چيو ته رينجرز ماڙي جلباڻي ۾ معصوم بيگناهه سنڌين کي مارڻ لاءِ ته تيار آهي پر ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ڏوهارين ۽ خودڪش حملا ڪندڙ افغانين خلاف پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.