چونڊن ۾ قومپرست اڳواڻن سامهون اميدوار نه بيهارينداسين: قادر مگسي

حيدر آباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو  وٺندي، هن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي سميت وچولي ۽ پورهيت طبقي جا نمائينده سڄي سنڌ ۾ خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان جاگيردارن ۽ سردارن جو مقابلو ڪندا، پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ دوست ۽ قومپرست اڳواڻن سامهون پنهنجو اميدوار نه بيهاريندي ۽ انهن تڪن تي انهن اڳواڻن جي مدد ڪئي ويندي، افغان پناهگيرن سميت سمورا ڌاريان سنڌ مٿان بار آهن انهن کي سندن ملڪ واپس روانو ڪيو وڃي، افغانستان جون حالتون هاڻي بهتر آهن ان ڪري افغان پناهگيرن کي واپس سندن وطن موڪلڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 10 نومبر تي جمع جي ڏينهن تي فلسطين جي عوام سان ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت خلاف حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي. اجلاس ۾ انجنيئر گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، ڄام شوڪت ابڙو ، خدابخش درس، مظھر ميمڻ ، اعجاز سنڌي سميت سڄي سنڌ مان سينيئر قومي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ ساڃهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.