ميانوالي (م ڊ) ميانوالي ايئربيس حملي ۾ پرڏيهي هٿيار استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب 4 نومبر تي ميانوالي ۾ پاڪستان ايئر فورس ٽريننگ ايئر بيس تي دهشتگرد حملي ۾ استعمال ڪيل پرڏيهي هٿيارن بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميانوالي حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان پرڏيهي هٿيار مليا، جيڪي آمريڪي آهن. ذريعن موجب دهشتگردن وٽان هٿ آيل هٿيارن ۾ آر پي جي 7، اي ڪي 74، ايم 4 ۽ ايم 16 اي 4 شامل آهن. واضح رهي ته 4 نومبر تي دهشتگردن ميانوالي ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ايئر بيس تي حملو ڪيو هو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائيندي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.