بلديا سانحو ڪيس، ڊي جي نادرا جي فوري طور ٻڌڻي جي اپيل رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڊي جي نادرا جي فوري طور  درخواست تي ٻڌڻي جي اپيل رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران 50 هزار کان وڌيڪ مفرور اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي معاملي تي ڊي جي نادرا جي فوري طور درخواست تي ٻڌڻي جي اپيل رد ڪئي وئي، عدالت نادرا جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن جي رڪارڊ لاءِ آءِ جي وٽ وڃو، اسان وٽ ڇا ڪرڻ آيا آهيو، نادرا جي وڪيل چيو ته اسان گهرو سيڪريٽري کي خط لکيو آهي، اهي جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ فراهم نه ڪندا ته نادرا ڪيئن بلاڪ ڪندو؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪيس اڳ کان 24 نومبر تي لڳل آهي، آءِ جي سنڌ سان ملو ۽ رڪارڊ جي ڏي وٺ ڪيو. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نادرا کي مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.