منشيات بدران ڪتابن جي رنڊ روڪ، تربت يونيورسٽي ۾ شاگردن کي روڪڻ واري وڊيو وائرل

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي تربت يونيورسٽي انتظاميا ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کي يونيورسٽي ۾ بڪ اسٽال لڳائڻ کان روڪيو هو. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سيڪيورٽي اهلڪار ڪجهه شاگردن کي هٿن ۾ ڪتاب کڻي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي رهيا آهن. بي بي سي سان ڳالهائيندي وڊيو ۾ نظر ايندڙ  شاگرد باهوت چنگيز جو چوڻ هو ته يونيورسٽي ۾ غير نصابي ڪتاب کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ ٻئي پاسي هاسٽل ۾  چار شاگرد گڏ ويهن ته سيڪيورٽي اهلڪار کين اهو چئي اٿاري ڇڏين ٿا ته گڏ ويهڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگردن پاران ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويندا آهن، جن ۾ اڪثر غير نصابي ڪتاب موجود هوندا آهن، پر ڪا به پابندي ناهي. تربت يونيورسٽي جي انتظاميا شاگردن جي الزامن کي رد ڪندي الزام لڳايو آهي ته ڪجهه شاگرد جيڪي تعليمي سرگرمين ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ٿا ڏيکارين اهي يونيورسٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سياسي پارٽي جي شاگرد تنظيم يونيورسٽي جي ٻاهران شاگردن جي مدد سان بک اسٽال لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جا سياسي مقصد هئا. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي تربت يونيورسٽي جي وڊيو ۾ 6 کان ست نوجوان هٿ ۾ ڪيترائي ڪتاب کڻي نظر اچي رهيا آهن. سيڪيورٽي گارڊ انهن نوجوانن کي يونيورسٽي جي مين دروازي تي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.