اين ايف سي تحت صوبن کي فنڊن جي فراهمي ۾ 23 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (اي پي پي) نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ (اين ايف سي) تحت وفاق کان صوبن کي فنڊز جي فراهمي ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي ۾ سالياني بنيادن تي 23.61 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان ان حوالي سان جاري انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين ٽه ماهي (جولاءِ کان سيپٽمبر 2023) دوران اين ايف سي تحت وفاق کان صوبن کي 10 کرب 88 ارب 20 ڪروڙ هڪ لک روپين جا فنڊز فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 23.61 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين ٽه ماهي ۾ اين ايف سي تحت پنجاب کي 5 کرب 25 ارب 88 ڪروڙ 60 لک روپين جا فنڊز فراهم ڪيا ويا، سنڌ کي 2 کرب 61 ارب 54 ڪروڙ 50 لک روپين جا فنڊز، خيبرپختونخوا کي هڪ کرب 77 ارب 6 ڪروڙ 30 لک روپين جڏهن ته بلوچستان کي جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اين ايف سي تحت هڪ کرب 23 ارب 70 ڪروڙ 80 لک روپين جا فنڊز فراهم ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.