پ پ افغانين جي معاملي تي عدالت وئي آهي، پرڏيهين کي واپس وڃڻو پوندو: مدد علي سنڌي

حيدرآباد (رپورٽر) تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عهدو سنڀاليندي ئي تعليم جي معيار ۽ مهارت تي ڌيان ڏنو آهي، قانوني طور ساڍا چار هزار افغان شاگردن کي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا ڏني پئي وڃي،  جيڪا غير قانوني رهندڙن لاءِ نه هوندي. سنڌ ميوزم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مدد علي سنڌي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ تعليم صوبن جي حوالي ٿي وئي آهي، ڪتابن جي کوٽ جي جاچ ڪرائيندس. هن چيو ته ماضي ۾ هنر ڏيندڙ ادارن جي ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي. هر صوبي ۾ موجود ادارن جي پاڻ نگراني ڪري ڪارڪردگي ڏسي رهيو رهيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ حڪومتن تعليم تي گهٽ ڌيان ڏنو، سرڪاري اسڪول هٿ مان نڪري ويا آهن ۽ مسئلا وڌي ويا، امتحاني بورڊن جي ڪارڪردگي پڻ هڪ سواليا آهي. هن چيو ته مان پنهنجي دور ۾ سٺي بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ مون کي 26 ادارن جي بريفنگ ڏني وئي جنهن مان مطمئن نه هئس مون فيصلو ڪيو آهي ته هر اداري ۾ پاڻ وڃي نگراني ڪندس. نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته پاڪستان عالمي يتيم خانو ناهي ته جيڪو آيو سو ويهي رهيو. توهان بنا پاسپورٽ جي سعودي عرب، دبئي يا فرانس ۾ رهي ڏيکاريو. هن چيو ته نگران حڪومت سٺو فيصلو ڪيو آهي ته ان سان گڏ بيهڻو هو پيپلز پارٽي ان معاملي تي سپريم ڪورٽ وئي آهي جڏهن فيصلو ايندو ته ڏٺو ويندو.مدد سنڌي چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني ترسيلن خلاف ڪارروائي بابت لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائيندس، جيڪي غيرقانوني طور ترسيل آهن کين واپس وڃڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.