غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ميرپورخاص ۾ عوامي تحريڪ جي تاريخي ريلي

ميرپورخاص (رپورٽ:صالح اوٺو) افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي نيڪالي ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي، بوگس ڊجيٽل آدمشماري، فصلن جا اگھ نه ملڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ ھارين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف سنڌي ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان ميرپورخاص شھر ۾ ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي وئي. ريلي  ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون، ٻارڙا، ھاري، مزدور، شاگرد، وڪيل ۽ آبادگار شامل ھئا. ريلي ۾ سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، افغاني سارا نامنظور، بنگالي بھاري نامنظور، جاگيرداري نظام نامنظور. فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي_ سزائون ڏيو. زمينن جي نيلامي  بند ڪريو، ھارين سان ظلم بند ڪريو، سرڪاري زمينون ھارين کي ڏيو. بوگس ڊجيٽل آدمشماري جا ڪوڙا نتيجا نامنطور. وسيلن تي قبضا نامنظور جا پرجوش نعرا ھنيا ويا. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، اسماعيل خاصخيلي، حور النساء پليجو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊووڪيٽ وسند ٿري, نور نبي پليجو، ستار رند، علي محمد پرويز، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، عاطف ملاح، ساجدہ پرھياڙ، امير بخش جروار، شاھين خاصخيلي، افشين ميمڻ،  عظمت ڪلوئي،  نوربانو کوسو رامچند، ايڊووڪيٽ غفار ناريجو، اياز کوسو، اوڀايو جوڻيجو، جاکرو نوحاڻي، ايڊووڪيٽ ديوت راء، سرمد راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. احتجاجي ريلي ۾ ميرپورخاص بار جو اڳوڻو صدر شوڪت علي راھمون، قوم پرست اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي حسن چانڊيو، ايڊووڪيٽ دوست محمد ڪولاچي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ نامور شاعر اقبال رند، سماجي اڳواڻ تاج بلوچ سميت  شاعرن آبادگارن ھارين ۽ ھارياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته سنڌ ۾ چاليھ لک کان وڌيڪ غير قانوني افغاني، بنگالي، بھاري، برمي ۽ ٻيا غير ملڪي رھن ٿا. لکن جي تعداد ۾ رھندڙ انھن غير قانوني غير ملڪين جي واپسي جو ڪو به بندوبست ناھي ڪيو ويو. جڏھن ته ٻين صوبن ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي تيزيءِ سان ملڪ مان ڪڍيو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين خلاف انتظاميه لاپرواھي کان ڪم وٺي رھي آھي. سنڌ ۾ افغانين جون بستيون قائم آھن. ڪراچي مان افغاني آساني سان نڪري ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ پھچي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي جا اڳوڻا وزير، مشير، ايم اين اي، ايم پي اي افغانين کي پناھ پيا ڏين. ھن وڌيڪ چيو ته افغانين کي پناھ ڏيندڙ ۽ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيندڙ نادرا اھلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏھن کان افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ٿيو آھي تڏھن کان ملڪ ۾ دھشتگردي جي ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آھي. نور احمد ڪاتيار چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن. بحريا ٽائون جھڙين رھائشي اسيڪمن جي آڙ ۾سنڌ ۾ نئون اسرائيل جوڙڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي سنڌي عوام جي نسل ڪشي جي ذميوار آھي. پيپيلز پارٽي جو اڳواڻ فرحت الله بابر پٽڪو ٻڌي ڪيس کڻي سپريم ڪورٽ ۾ ويو آھي ته غير ملڪين افغانين کي ملڪ مان نه ڪڍيو وڃي. پيپلز پارٽي لکين غير قانوني غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ ۾ سھولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو آھي بحريا ٽائون جي قبضا مافيا کيرٿر نيشنل پارڪ تي والار ڪري سنڌ جي تاريخي ثقافتي ماڳن کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي. ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته غريب ھارين کي فصلن جا اگهھ نه ڏئي ھارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن ھٿ وٺي زرعي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي. ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته سنڌ ۾ ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن. حور النساء پليجو چيو ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ قيامت برپا ٿيل آھي.. فاطمه ڦرڙو، نازيا چنا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پر انھن جي قاتلن کي ڪا به سزا نه آئي آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.