تعليم تي ڪنهن جو ڌيان ناهي، بجيٽ جو صحيح استعمال نه پيو ٿئي: لطيف ادبي ميلو

ڪراچي (رپورٽ : مهدي بلوچ) چوٿون لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو، چوٿين لطيف ميلي جي ٻين ڏينهن تي صحت، تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت سيشنس ڪيا ويا. تعليم جي حوالي سان سيشن ۾  مهراڻ ملاح ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي لحاظ کان اين جي اوز جو ڪو ڪردار نظر نه ٿو اچي، تعليم بهتر ڪرڻ ۾ رياست جو به ڪردار آهي. اسحاق سومرو چيو ته تعليم تي بجيٽ جو صحيح استعمال نه پيو ٿئي، لٽريسي جو مقصد صرف پڙهيل هجڻ ناهي سنڌ ۾ ميٽرڪ پاس نوجوان اي آءِ مان فائدو وٺندي پنج پنج سئو ڊالر ڪمائين ٿا اهڙي طرح هر نوجوان کي ڪمپيوٽر جي دنيا کي سمجهڻو پوندو. وحيده مهيسر چيو ته ڪنهن به پارٽي جي جلسي ۾ تعليم جي باري نه ٿو ڳالهايو وڃي، جلسن کان سواءِ عام ووٽر جي ڪٿي به عزت نه ٿي ڪئي وڃي، اها حقيقت مڃڻي پوندي ته تعليم ۾ آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ادارا بهتر تعليم ڏين ٿا. لطيف ميلي جي هڪ ٻي سيشن ۾ ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته سنڌ ايشيا جو اهو واحد صوبو آهي جتي 46 سيڪڙو نجي تعليم آهي، پاڪستان جهڙي سماج ۾ تعليم طبقاتي معيار ٿي ويو آهي، اسان جنهن دور ۾ پڙهندا هئاسين ته ڊي سي ۽ ايس ايس پيز جا ٻار گڏ پڙندا هئا ۽ هاڻي غريب جي ٻار جو اسڪول الڳ ۽ امير جي ٻار جو اسڪول الڳ آهي. هن چيو ته تعليم کان صحت تائين هر ادارو مافيا بڻجي چيو آهي. عرفانه ملاح چيو ته پاڪستان ۾ 3 ملين ٻار مدرسن ۾ رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته سنڌ جي مدرسن ۾ پڙهندڙ ٻارن جو نمبر واضح ناهي، وڏيرن جا ڪمدار اسڪولن ۾ ڀرتي ڪيا ويا، ڪيترائي اهڙا اسڪول هئا جيڪي صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ نظر پيا اچن هن چيو ته يونيورسٽين کي ڌنڌو بڻايو ويو آهي عوام جو پيسو نجي ادارن تي ڇو پيو خرچ ڪيو وڃي. پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته پاڪستان ٺهڻ وقت صرف پنجاب يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي هئي، گوادر ۾ يونيورسٽي ناهي ۽ لاهور ۾ گوادر جي نالي سان يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي ان کان وڌيڪ ظلم ڪهڙو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽيز جا فنڊ گهٽايا ويا آهن هن چيو ته پيپلزپارٽي جي هڪ وزير وٽ چانڊڪا يونيورسٽي جو انتظام پيو هلائي اهو گذاري ويو ته ته وري ٻيو وزير اهو سسٽم سنڀالي پيو، پروفيسر رضوان گل چيو ته لطيف ميلي جو مقصد لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ آهي ۽ هاڻي جي جديد دور ۾ ڀٽائي پيڊيا ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.